اسلام آباد – 08 آگسٽ (اي پي پي) نائيجر ۾ مقرر پاڪستان جي سفير احمد علي سروهي ??اڪستان سان غيرمعمولي ??هڪ??ر جي اعتراف ۽ ٻنهي ??لڪن جي وچ ۾ ڀائپي وارا لاڳاپا وڌائڻ ۾ شاندار خدمتن جي اعتراف ۾ هيومن رائيٽس آف نائيجر جي صدر پروفيسر خالد اخري کي لائيف ٽائم اچيومنٽ ايوارڊ سان نوازيو. تقريب ۾ ڪابينا جي ميمبرن، چونڊيل نمائندن ۽ معزز مهمانن شرڪت ڪئي. پاڪستان جي سفير ٻنهي ??لڪن کي ويجهو آڻڻ ۾ انساني حقن جي ڪميشن جي صدر جي ڪوششن جي واکاڻ ڪئي. هن ٻڌايو ته لائيف ٽائيم اچيومنٽ ايوارڊ پاڪستان سان ??هڪ??ر جو اعتراف آهي. پاڪستان ۽ نائيجر 1976ع ۾ سفارتي لاڳاپا قائم ڪيا. اهو رشتو وقت سان گڏ ڪاميابي سان مضبوط ٿيو ۽ هر گذرندڙ ڏينهن ۽ سال سان گڏ سگهارو ٿيندو ويو. ٻنهي ??لڪن جي قيادت انهن لاڳاپن کي اڳتي وٺي وڃڻ لاءِ پڪوپهه ڪيو. هن ان ڳالهه کي اجاڳر ڪيو ته مختلف شعبن سان واسطو رکندڙ فرينڊز آف پاڪستان جن ۾ وزير، چونڊيل نمائندا، استاد، ڊاڪٽر، انجنيئر، واپاري ۽ شاگرد شامل آهن، انهن ٻطرفن لاڳاپن کي مضبوط ڪيو. هن چيو ته ٻنهي ??لڪن ۾ هڪٻئي سان لاڳاپن کي مضبوط ڪرڻ جو نقطو بڻيل آهن. هن ٻن??ي ڀائر ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن جي اهميت تي زور ڏنو. هن ان ڏينهن جي اهميت کي اجاڳر ڪيو ۽ انهن ماڻهن کي ڀرپور خراج تحسين پيش ڪيو، جن جي اڻ ڳڻين ڪوششن ٻنهي ??لڪن کي ويجهو آندو. سفير احمد علي سروهي عيدالاضحيٰ تي قرباني لاءِ رض??ڪاراڻا خدمتن تي رض??ڪارن کي تعريفي سرٽيفڪيٽ ڏنا، هن فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي ڪردار ادا ڪرڻ تي واکاڻ ڪئي. ميڊيا سان ڳالهائيندي انساني حقن جي ڪميشن جي صدر ۽ سمورن رض??ڪارن پاڪستان جي حڪومت پاران خوبصورت ايوارڊز ڏيڻ تي پاڪستاني سفارتخاني جا ٿورا مڃيا. انهن ايوارڊز کي انهن جي ڪوششن جو نتيجو قرار ڏنو. هنن چيو ته هو انهن لاڳاپن کي وڌيڪ هٿي وٺرائڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪندا.