اسلام ??باد – 07 آگسٽ (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير شوڪت ترين جي صدارت ۾ ڪامياب پاڪستان پروگر??م جي حوالي سان اجلاس ٿيو. ناڻي واري وزارت پاران ج??ري بيان موجب اجلاس ۾ تعليم واري وفاقي وزير شفقت محمود، ڪامياب جوان پروگر??م جي سربراهه عثمان ڊار ۽ سماجي تحفظ ۽ غربت جي خاتمي پروگرام واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر کانسواءِ ناڻي واري وزارت ۽ لاڳاپيل وزارتن جي اعليٰ عملدارن پڻ شرڪت ڪئي. اجلاس دوران حڪومت جي فلاحي منصوبي ڪامياب پاڪستان پروگر??م جي لانچنگ جي تيارين جو جائزو ورتو ويو.