اسلام آ??اد – 09 جون (اي پي پي) گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس جي ڪري پنجاب کانپوءِ سنڌ ۾ سڀ کان وڌيڪ فوتگيون رڪارڊ ڪيون وي??ن. سڄي ملڪ ۾ گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪورونا وائرس سبب 77 فوتگيون ٿيون جنهن مان 33 فوتگيون وي??ٽيليٽرز تي موجود مريضن جون ٿيون. نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن دوران سڄي ملڪ ۾ هڪ هزار 118 ماڻهن جا ڪورونا ٽيسٽ مثبت آيا. ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ وي??ٽيليٽرز تي ڪووڊ – 19 جي مريضن جي تناسب جي لحاظ کان ملتان ۾ 54 سيڪڙو، لاهور ۾ 28 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 سيڪڙو ۽ اسلام آ??اد ۾ 22 سيڪڙو م??يض آهن. اهڙي طرح ملڪ جي چئن وڏن شهرن ۾ آڪسيجن جي سهولت وارن بسترن تي ڪورونا جي مثبت ڪ??سن جي تناسب جي لحاظ کان ڪراچي ۾ 31 سيڪڙو، ايبٽ آ??اد ۾ 31 سيڪڙو، پشاور ۾ 29 ۽ گجرانوالا ۾ 29 سيڪڙو م??يض آهن. گذريل 24 ڪلاڪن دوران ڪوويڊ – 19 جا 43 هزار 900 ٽيسٽ ڪيا ويا جن مان سنڌ ۾ 12 هزار 660، پنجاب ۾ 17 هزار 52، خيبرپختونخواهه ۾ 8 هزار 128، اسلام آ??اد ۾ 4 هزار 370، بلوچستان ۾ 873، گلگت بلتستان ۾ 340، آزاد ڪشمير ۾ 477 ٽيسٽ شامل آهن. هيستائين سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 مان صحتياب ٿيندڙن جو انگ 8 لک 69 هزار 691 ٿي چڪو آهي. گگت بلتستان، آزاد ڪشمير ۽ بلوچستان ۾ ڪوويڊ 19 جو ڪو به م??يض هن وقت وي??ٽيليٽر تي نه آهي. جڏهن ته سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي لاءِ مخصوص ڪيل وي??ٽيليٽرز تي ڪوويڊ 19 جا 371 م??يض آهن. سڄي ملڪ ۾ ڪوويڊ 19 جي ايڪٽو ڪيسز جو انگ 44 هزار 987 آهي. سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس کان متاثر ماڻهن جو انگ 9 لک 36 هزار 131 آهي.