اسلام آباد – 25 – مئي (اي پي پي) اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته ملڪ معاشي طور تي استحڪام طرف وڌي رهيو آهي، اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين تحريڪ انصاف جي چونڊ سڌارن جو اهم حصو آهي، اوورسيز پاڪستانيز کي ووٽ جو حق ڏيڻ تحريڪ انصاف جي ايجنڊا آهي، اوورسيز پاڪستانين کي قومي ڌارا ۾ آڻڻ لاءِ اليڪشن ڪميشن قدم کڻي، وفاقي ڪابينا ??ورونا سان مقابلي لاءِ بوسنيا کي طبي امداد ۽ دوائون موڪلڻ جو ف??صل?? ڪيو آهي. زيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير اسد عمر سان گڏ صحافين کي بريفنگ ڏيندي اطلاعات ۽ نش??يات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو ته وفاقي ڪابينا جي اجلاس ۾ وڌيڪ معيشت تي ڳالهه ٻولهه ٿي جڏهن ته اڄ ڪابينا جو اجلاس پاڪستان ??ي تاريخ ۾ پهريون پيپر ليس اجلاس هو.