پاڪستان توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آڇي ٿو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

اسلام آباد – 23 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جا وڏا موقعا آڇي ٿو، هُو ڪويتي ڪمپني ايزٽيڪ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر عبدالله ال موتيري سان ڳالهائي رهيو هو جنهن اڱاري ڏينهن ساڻس مُلاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ نگران وزيراعظم ايزٽيڪ جهڙين عالمي ڪمپنين جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي آجيان ڪئي ۽ چيو ته پاڪستان ۾ توانائي، آءِ ٽي ۽ ٻين شعبن ۾ عالمي سيڙپڪاري جي لامحدود صلاحيت موجود آهي.

مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی