نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ڪوئيٽا جي دوري دوران بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪندو

image

اسلام آباد – 10 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ اڄ اڱاري ڏينهن ڪوئيٽا جو دورو ڪندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم ان دوري ۾ بلوچستان صوبي ۾ نيشنل ايڪشن پلان لاڳو ڪرڻ جي موجوده صورتحال جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ بلوچستان ايپڪس ڪميٽي جي 14 هين اجلاس ۾ خصوصي شرڪت ڪندو. نگران وزيراعظم بلوچستان جي نگران صوبائي قيادت سان ملاقات پڻ ڪندو.

مضمون کا ماخذ : جنگل کے راز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں