دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي: وزيراعظم

image
APP68-14 ISLAMABAD: November 14 - Prime Minister Imran Khan addressing at the International Conference ''Margalla Dialogue-2019'' organized by Islamabad Policy Research Institute. APP

اسلام آباد – 14 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته دهشتگردي جي خلاف جنگ پاڪستان لاءِ تباهي آڻيندڙ ثابت ٿي، اڳتي اسان ڪنهن به جنگ جو حصو نه بڻجنداسين، پاڪستان افغان مسئلي جي سياسي حل لاءِ ڪوششون ڪري رهيو آهي، پاڪستان سعودي عرب ۽ ايران جا اختلاف ختم ڪرڻ جي لاءِ پڻ ڪوششون ڪري رهيو آهي، اسان پاڪستان ۾ ڪاروبار کي آسان بڻائي رهيا آهيون، پرڏيهي سيڙپڪارن جي لاءِ ويزا ۾ نرمي سميت ڪيترائي سڌارا آندا. اهڙن خيالن جو اظهار هن عالمي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.

مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania