وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير سان ملاقات

image

اسلام آباد-11 نومبر (اي پي پي) هائوسنگ اينڊ ورڪس واري وفاقي وزير ميان رياض حسين پيرزاده سان پاڪستان ۾ ترڪيه جي سفير عرفان نذير اوگلو ملاقات ڪئي. هائوسنگ واري وزارت جي ترجمان موجب ملاقات ۾ گڏيل دلچسپيءَ جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي. وفاقي وزير ترڪيه جي هائوسنگ ماڊل کي ساراهيو ۽ ترڪيه جي ڪامياب هائوسنگ ماڊل کي پاڪستان ۾ اختيار ڪرڻ لاءِ دلچسپي ظاهر ڪئي. وفاقي وزير چيو ته ترڪيه جا ماڻهو ۽ هي خطو اسان جي دل جي تمام ويجهو آهن، وزيراعظم جي ويزن تحت هلندي اسان امداد بدران هائوسنگ لاءِ انويسٽمينٽ تي توجهه ڏئي رهيا آهيون، ان موقعي تي ترڪيه جي سفير پاڪستان ۾ هائوسنگ پراجيڪٽ ۾ گڏجي ڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا سینا آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں