ماحول لاءِ سازگار منصوبن کي قرضن جي فراهمي وڌائڻ جي ضرورت آهي: اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جو تقريب کي خطاب

image

اسلام آباد-08 نومبر (اي پي پي) اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد موسمياتي تبديلين جو مقابل ڪرڻ ۽ ماحولياتي لحاظ کان پائيدار اوسر کي هٿي ڏيندڙ منصوبن کي قرضن جي فراهمي ۾ واڌ جي ضرورت تي زور ڀريو آهي، هو انفرا ضامن پاڪستان جي اهتمام هيٺ رٿيل تقريب کي خطاب ڪري رهيو هو جنهن جو موضوع قرض ۾ اضافي ذريعي سازگار سبز مالڪاري ۽ گرين بانڊ هو. گورنر وڌيڪ چيو ته دنيا پائيداري طرف منتقل ٿي رهي آهي، اسان کي به پنهنجي مالي شعبن جي صلاحيت مان فائدو کڻندي انهن کي ان تبديلي سان هم آهنگ ڪرڻو پوندو. اهڙي طرح اسان نه رڳو پنهنجي ملڪي ترجيحن تي عمل ڪري سگهنداسين پر عالمي واعدن جي به پاسداري ڪري سگهنداسين. گورنر پنهنجي خطاب ۾ ٻن اهم موضوعن تي ڳالهايو، ماحول ۾ تبديلي سان پاڪستان لاءِ خطرا ۽ ان چئلينج کي موثر طريقي سان منهن ڏيڻ جي موضوع تي ڳالهائيندي هن ماحول ۾ تبديلي سان پاڪستان لاءِ خطرن جو ذڪر ڪندي هن وقت تائين جي اڳڀرائي کي ۽ اسٽيڪ هولڊرز خاص ڪري پاليسي ساز ادارن ۽ مالي خدمتن جي صنعت جي ڪردار کي اجاگر ڪيو، جنهن تحت قابل عمل طريقا جوڙي سگهجن ٿا. گورنر ماحول ۾ آيل تبديلي کي منهن ڏيڻ لاءِ هنگامي قدمن جي ضرورت تي زور ڀريندي 2022ع ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جو مثال پيش ڪيو جنهن ۾ پاڪستان جو تقريبن 30 ارب ڊالرن جو معاشي نقصان ٿيو هو، اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پئرس معاهدي تي عملدرآمد لاءِ پاڪستان جي عزم کي ورجايو، جنهن ۾ 2030ع تائين ڪاربان جي خارج ۾ 15 سيڪڙو گهٽتائي ۽ پرڏيهي فنانسنگ سان مشروط 35 سيڪڙو جي وڌيڪ گهٽتائي به شامل آهي. هن توانائي جي مجموعي ضرورتن جو 60 سيڪڙو تجديد جوڳن ذريعن مان پيدا ڪرڻ جي منصوبن جو به ذڪر ڪيو. گورنر ميڪرو اڪنامڪ چئلينجن باوجود پاڪستان جي اهم اڳڀرائي ۽ اسٽيٽ بئنڪ جي اهم ڪردار کان به شرڪت ڪندڙن کي آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته اسٽيٽ بئنڪ تجديد جوڳي توانائي لاءِ ري فنانسنگ اسڪيمون متعارف ڪرايون آهن جنهن تحت جون 2024ع تائين 94.7 ارب روپين جا قرض ڏنا ويا، جن مان تقريبن 2061 ميگاواٽ جي مجموعي توانائي پيدا ڪندڙ تجديد جوڳي توانائي جي 4500 کان وڌيڪ منصوبن جي فنانسنگ ڪئي وئي. اسٽيٽ بئنڪ ماحول دوست بئنڪاري جي جامع رهنما خط جاري ڪيا آهن ته جيئن ريگوليٽيڊ ادارن کي پنهنجي آپريشنز سان پيدا ٿيندڙ ماحولياتي خطرا ڄاڻڻ ۾ مدد ملي، اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان عالمي بئنڪ جي تعاون سان هڪ جامع ماحول دوست اصول جي تياري تي ڪم ڪري رهيو آهي ته جيئن ماحول دوست ۽ عبوري سرگرمين جي درجابندي جي حوالي سان معياري فريم ورڪ جوڙي سگهجي. گورنر جميل احمد ٻڌايو ته هي ماحول دوست ۽ عارضي سرگرمين جي نشاهي ۽ درجا بندي لاءِ هڪ واضح فريم ورڪ فراهم ڪندو ۽ پائيدار منصوبن طرف سيڙپڪاري جي وهڪري کي آسان بڻائيندو. اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر پنهنجي اسٽريٽجڪ پلان 28-2023ع ۾ موسمياتي تبديلي جو خطرو اهم موضوع طور شامل ڪيو آهي. هن پلان ۾ پائيدار ترقي کي يقيني بڻائڻ جي حوالي ايندڙ پنجن سالن لاءِ ڪافي هدف ۽ پاليسي قدمن جو خاتڪو پيش ڪيو ويو آهي.گورنر چيو ته هي موضوع اسٽريٽجڪ پلان جي ٻين موضوعن سان هڪجهڙائي رکي ٿو جن ۾ ٽيڪنالاجي نواڻ ۽ شموليتي سوچ، پيداواريت ۽ هڪجهڙائي ۽ حڪمت آميز ذريعا شامل آهن.

مضمون کا ماخذ : apostas quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں