وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني پاران فيڊرل سروس ٽربيونل ميمبرن جي مقرري جي منظوري

image

اسلام آباد- 09 نومبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيڊرل سروس ٽربيونل ميمبرن جي مقرري جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب ايڊووڪيٽ بهلول خٽڪ، رٽائرڊ ڊسٽرڪٽ اينڊ سيشن جج چوڌري عبدالقيوم ۽ ايڊووڪيٽ چوڌري محمد اڪرم خاڪسار جي فيڊرل سروس ٽريبونل جي جڊيشل ميمبر طور مقرري جي منظوري ڏني وئي. اهڙي طرح وقتي صدر، ثروت طاهره حبيب ۽ نديم ارشاد ڪياني جي ايگزيڪيٽو ميمبر طور مقرري جي منظوري پڻ ڏني آهي. وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني فيڊرل سروس ٽريبونل جي ميمبرن جي مقرري جي منظوري وزيراعظم جي ايڊوائيس تي ڏني آهي.

مضمون کا ماخذ : números sorteados lotomania
متعلقہ مضامین
مزید خبریں