اسلام آباد – 14 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ڀارت جي مختلف جيلن ۾ قيد ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي هڪ ڀيرو ٻيهر ڳڻتي ظاهر ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ اسلام آباد ۾ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ دوران ڪشميري سياسي قيدين جي خراب حالت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو. هن چيو ته انهن مان ڪيترائي ماڻهو جيلن ۾ غيرانساني حالتن کي منهن ڏئي رهيا آهن، جن ۾ پرهجوم قيدين وارن سيلز ۾ قيد ڪرڻ، علاج جي ضروري سهولتن کان انڪار ۽ مناسب ڪارروائي کانسواءِ مسلسل حراست ۾ رکڻ شامل آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو ته اسان ڀارتي عملدارن تي زور ڀريون ٿا ته اهي سمورن سياسي قيدين، ڪارڪنن ۽ انساني حقن جي محافظن جي خلاف هٿ ٺوڪيا الزام ختم ڪن ۽ انهن کي فوري طور تي آزاد ڪن. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير تڪرار جي منصفاڻي ۽ پرامن حل جي لاءِ پنهنجي ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي سياسي، سفارتي ۽ اخلاقي حمايت جاري رکندو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ بلوچستان ۾ ڀارتي سرگرمين تي پڻ خدشن جو اظهار ڪيو. هن چيو ته بلوچستان ۾ دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي جنهن ۾ ڪيترائي شهري مارجي ويا آهن. هن چيو ته ڪجهه سال اڳ هڪ ڀارتي جاسوس ڪلڀوشن جاديو کي بلوچستان مان گرفتار ڪيو ويو هو. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ڀارت پاران پاڪستان ۾ چيمپيئنز ٽرافي ۾ شرڪت نه ڪرڻ تي پڻ ردعمل ڏيندي چيو ته پاڪستان ۽ ڀارت جي وچ ۾ ڪرڪيٽ تي ڪا به بيڪ ڊور ڳالهه ٻولهه نه ٿي رهي آهي.