وزيراعظم پاران گلگت بلتستان جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طور تي فراهمي، بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان

image

گلگت – 06 – نومبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف گلگت بلتستان جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طور تي فراهمي ۽ بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪندي چيو آهي ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه بشمول اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ عوام جي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ گلگت بلتستان جي ڪابينا جو خصوصي اجلاس ٿيو. وزيراعظم غذر ضلعي جي ڳوٺ بوبر ۾ 2022ع جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ خصوصي طور تي تعمير ٿيل گهرن جي وقت سر تڪميل ۽ انهن جي گهرن جي اعليٰ معيار تي اطمينان جو اظهار ڪندي چيو ته بوبر ڳوٺ ۾ نئين تيار ٿيل گهرن کي ڏسي تمام گهڻي خوشي ٿي. وزيراعظم گلگت بلتستان جي انتظاميا کي غذر ضلعي ۾ تعليمي ادارن، راندين جي ميدانن، بجلي جي فراهمي ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي جي هدايت ڪئي. هن گلگت بلتستان جي لاءِ 100 ميگاواٽ بجلي جي فوري طور تي فراهمي ۽ بلتستان يونيورسٽي ۽ قراقرم يونيورسٽي جي باصلاحيت شاگردن جي لاءِ ميرٽ جي بنياد تي هڪ ارب رپين جي انڊومنٽ فنڊ جي قيام جو اعلان ڪيو. وزيراعظم چيو ته پنجاب جي طرز تي گلگت بلتستان جي تعليم جي شعبي جي ترقي جي لاءِ دانش اسڪول متعارف ڪرائي رهيا آهيون، وفاقي حڪومت گلگت بلتستان جي عوام جي ڀلائي جي لاءِ ڏينهن رات سرگرم عمل آهي. هن چيو ته ماضي ۾ پنجاب جي وڏي وزير جي حيثيت سان گلگت بلتستان جي تعليم جي شعبي کي تحفي طور هڪ ارب رپيا ڏنا هئا. گلگت بلتستان جي سمورن شعبن جي ترقي اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي. وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته تازي معاشي استحڪام ۾ وفاقي حڪومت سان سمورن صوبن جو تعان انتهائي اهم رهيو آهي. هن چيو ته اسٽاڪ ايڪسچينج 92 هزار جي تاريخي سطح عبور ڪري چڪي آهي، ملڪي مٽاسٽا جي ناڻي، ٽيڪس فائيلرز جي انگ ۾ اضافي ۽ مهانگائي ۾ گهٽتائي ملڪي معيشت جي لاءِ خوش آئنده آهي، ملڪي ترقي جي سفر ۾ سمورن صوبن، آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جو تعاون اهم آهي. وزيراعظم چيو ته گلگت بلتستان، خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي فاٽا جي ضم ضلعن ۽ بلوچستان جي ترقي ۽ عوامي ڀلائي تي اسان جو پُورو ڌيان آهي، وفاقي حڪومت گلگت بلتستان ۾ سياحت جي شعبي جي فروغ جي لاءِ قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته گلگت بلتستان جي سياحت جي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ قطري سيڙپڪار دلچسپي جو اظهار ڪري چڪا آهن. اجلاس ۾ وزيراعظم کي گلگت بلتستان ۾ جاري ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي جي حوالي سان بريفنگ ڏني وئي. اجلاس ۾ منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير احسن اقبال، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري وفاقي وزير امير مقام، تعليم واري وفاقي وزير خالد مقبول صديقي، گلگت بلتستان ڪابينا جي ميمبرن ۽ لاڳاپيل ادارن جي اعليٰ آفيسرن شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری نمبر کا انتخاب
متعلقہ مضامین
مزید خبریں