نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي نگران وڏي وزير، اعظم خان جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت

image

چارسده – 13 – نومبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ خيبرپختونخواهه جي اڳوڻي نگران وڏي وزير، اعظم خان جي لاڏاڻي تي تعزيت جي لاءِ چارسده جي ڳوٺ پڙانگ ويو جتي هن مرحوم نگران وڏي وزير جي پٽن بهرام اعظم خان ۽ سڪندر اعظم خان ۽ گهرڀاتين سان تعزيت ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميديا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم مرحوم وڏي وزير جي مغفرت جي لاءِ دعا ڪئي ۽ فاتحه خواني ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته مرحوم انتهائي قابل آفيسر هو ۽ نگران صوبائي حڪومت ۾ سندس خدمتون وسارڻ جوڳيون نه آهن. نگران وزيراعظم دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم جا درجا بلند فرمائي. خيبرپختونخواهه جو نگران وڏو وزير ارشد حسين شاهه پڻ نگران وزيراعظم سان گڏ هو.

مضمون کا ماخذ : لاٹری کے سستے ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں