مرتضيٰ سولنگي پاران سينيئر صحافي سردار عبدالحميد جي جوان پٽ اسد حميد جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار

image

اسلام آباد – 25 – آڪٽوبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سينيئر صحافي سردار عبدالحميد جي جوان پٽ اسد حميد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو آهي. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سردار عبدالحميد ۽ گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي چيو ته جوان پٽ جو لاڏاڻو هڪ پيءُ جي لاءِ ناقابل برداشت سانحو ۽ وڏو صدمو آهي. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ ڏکويل خاندان کي اهو صدمو برداشت ڪرڻ جو حوصلو عطا فرمائي.

مضمون کا ماخذ : امکان ہے کہ میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں