اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي پاران سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪُون

image

اسلام آباد – 01 – نومبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي سالياني چونڊن ۾ نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته وڪيل جمهوريت، انساني حقن ۽ آئين جا محافظ آهن، قانون جي حڪمراني، آئين جي بالادستي ۽ جمهوري روايتن جي فروغ ۾ وڪيلن جو روشن ڪردار تاريخ جو حصو آهي. پنهنجي مبارڪباد واري پيغام ۾ اطلاعات واري نگران وفاقي وزير سپريم ڪورٽ بار ايسوسيئيشن جي نئين چونڊيل صدر شهزاد شوڪت، سيڪريٽري علي عمران سيد سميت ٻين عهديدارن کي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته انصاف کانسواءِ ترقي يافته معاشري جو قيام ممڪن نه آهي. هن چيو ته وڪيل بار ۽ بئنچ جي وچ ۾ پل جو ڪردار ادا ڪن ٿا. نوان چونڊيل عهديدار آئين جي بالادستي ۽ قانون جي حڪمراني جي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪندا رهندا. هن اميد ظاهر ڪئي ته سپريم ڪورٽ بار جو فاتح پينل وڪيل برادري جي مسئلن جي حل سميت اهم عدالتي معاملن ۾ مثبت ۽ موثر ڪردار ادا ڪندو.

مضمون کا ماخذ : bolão quina
متعلقہ مضامین
مزید خبریں