پاڪستان پاران سلامتي ڪائونسل جي هنگامي اجلاس جي نتيجي تي مايوسي جو اظهار، غزه تي بمباري ۽ غيرانساني ناڪابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو

image

اسلام آباد – 19 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل (يو اين ايس سي) جي اربع ڏينهن ٿيندڙ هنگامي اجلاس جي نتيجي تي مايوسي جو اظهار ڪندي غزه تي بمباري ۽ غيرانساني ناڪابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جو مطالبو ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پنهنجي هفتيوار پريس بريفنگ ۾ چيو ته سلامتي ڪائونسل کي انساني تباهي جو سبب بڻجندڙ بمباري ۽ ناڪابندي کي فوري طور تي ختم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪرڻ گهرجي. ترجمان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ اسرائيل مان غزه جي پٽيءَ ۾ داخل ٿيڻ جي اجازت ڏيڻ، ويڙهه ۾ وقفي ۽ شهرين جي اتان نڪرڻ جي حڪم کي ختم ڪرڻ جي قرارداد تي آمريڪا پاران ويٽو پاور جي استعمال جو حوالو ڏنو. اهو اجلاس چين، روس ۽ گڏيل عرب امارات غزه جي خراب ٿيندڙ صورتحال تي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ گهرايو هو. برازيل پاران پيش ڪيل قرارداد کي وسيع حمايت حاصل هئي ۽ ان ۾ شهرين جي خلاف هر قسم جي تشدد جي مذمت پڻ ڪئي وئي. 15 رڪني ڪائونسل ۾ هڪ (آمريڪا) جي مقابلي ۾ 12 ووٽ پيا جڏهن ته روس ۽ چين ووٽنگ ۾ حصو نه ورتو. هن چيو ته پاڪستان ڇڪتاڻ ۾ يقين نه ٿو رکي پر جنگبندي ۽ دشمني جو خاتمو چاهي ٿو ۽ عالمي برادري تي زور ڏنو ته اها امن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ گڏجي ڪم ڪري. ان سوال ته ڇا پاڪستان ڪنهن مينڊيٽ تحت اسرائيل جي خلاف جنگ نه پر امن قائم ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي فوج فلسطين موڪلڻ جو ارادو رکي ٿو جي جواب ۾ ترجمان چيو ته پاڪستان جو اهڙو ڪو منصوبو نه آهي. هن چيو ته پاڪستان جو موقف پرامن آهي ۽ هن ڪڏهن به ڪنهن ملڪ سان جنگ شروع نه ڪئي ۽ مسئلن جي حل لاءِ سدائين ڳالهه ٻولهه تي زور ڏنو. هن غزه ۾ اسرائيلي ظلمن خاص طور تي اسپتال تي تازي حملي تي پاڪستان جي مذمت جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته شهرين تي ڄاڻي واڻي حملو جنگي ڏوهن جي زمري ۾ اچي ٿو. ترجمان ميڊيا کي ٻڌايو ته فلسطينين جي لاءِ هڪ چارٽرڊ جهاز 100 ٽن انساني امداد بشمول طبي سامان، خيما ۽ ڪمبل کڻي مصر روانو ٿيندو. هن ميڊيا کي ٻڌايو ته پاڪستان مان غيرقانوني غيرملڪي شهرين جي وطن واپسي جي موضوع تي سفارتي ڪور جي لاءِ هڪ بريفنگ سيشن منعقد ڪيو ويو. هن چيو ته هراسان ڪرڻ جي واقعن کي روڪڻ جي لاءِ هڪ اداراجاتي طريقيڪار تيار ڪيو ويو آهي ۽ شڪايتن جي ازالي جي لاءِ هڪ هيلپ لائين پڻ قائم ڪئي وئي آهي. 31 آڪٽوبر جي آخري تاريخ ۾ ڪنهن به توسيع بابت پڇڻ تي هن چيو ته حڪومت وٽ اهڙو ڪو به فيصلو ڪرڻ جو اختيار آهي. اربع ڏينهن جده ۾ غزه جي معاملي تي ٿيندڙ او آءِ سي جي وزارتي اجلاس بابت ترجمان ممتاز زهره بلوچ چيو ته گڏيل پڌرنامو ميمبر ملڪن جي وچ ۾ اتفاق راءِ جي عڪاسي ڪري ٿو. ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي جاري دوري جو حوالو ڏيندي هن چيو ته اهو دورو سي پيڪ جي ڏهاڪي جي جشن جي مناسبت سان آهي، چيني قيادت سان ملاقات، تقريب ۾ شريڪ ٻين اڳواڻن سان ملاقات ۽ ٿينڪ ٽينڪس ۽ ميڊيا سان ڳالهه ٻولهه ان دوري جو حصو آهن. هن چيو ته دوري دوران پاڪستان ۽ چين رابطي، مواصلاتي منصوبن بشمول ايم ايل ون، فوڊ سيڪيورٽي ۽ ريسرچ، صنعتي تعاون ۽ موسمياتي تبديلي جي حوالي سان مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون آهن. ڀارتي غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ظلمن کي اجاگر ڪندي ترجمان گذريل جمعي ڏينهن سرينگر جي جامع مسجد کي زبردستي بند ڪرڻ ۽ ڪشميري اڳواڻ مير واعظ عمر فاروق کي گهر ۾ نظربند ڪرڻ جو حوالو ڏنو جنهن کي تازو ئي چار سال جي نظربندي کانپوءِ آزاد ڪيو ويو. هن چيو ته پاڪستان گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد تائين ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن جي حمايت جاري رکندو.

مضمون کا ماخذ : prêmios dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں