پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو منفرد رشتو اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

ارومچي – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته پاڪستان ۽ چين جي دوستي جو منفرد رشتو اعتماد ۽ گڏيل احترام جي بنياد تي قائم آهي، سنڪيانگ رڳو واپاري ۽ مواصلاتي لنگهه نه آهي پر ٻن عظيم قومن کي ڳنڍڻ جو سبب به آهي، چين ۾ تعليم حاصل ڪندڙ پاڪستاني شاگرد پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪردار ڪن، سڄي دنيا ۾ رهندڙ ماڻهو مذهب ۽ نسل کان مٿانهون ٿي غزه ۾ اسرائيلي ڏاڍ خلاف آواز اٿارين. سنڪيانگ يونيورسٽي جي استادن ۽ شاگردن کي خطاب ڪندي نگران وزيراعظم چيو ته ٽئين بيلٽ اينڊ روڊ فورم جهڙي اهم ايونٽ ۾ شرڪت کانپوءِ هو ارومچي پهتو آهي. بيلٽ اينڊ روڊ فورم (بي آر آئي) جا 10 سال مڪمل ٿيڻ تي منعقد ٿيو، جنهن جو سي پيڪ فليگ شپ منصوبو آهي، مون بي آر آئي جي اعليٰ سطحي فورم کي خطاب ڪيو ۽ چيني اڳواڻن، ڪاروباري ماڻهن ۽ دانشورن سان ملاقاتون به ڪيون جنهن ۾ چين سان پاڪستان جي هر موسم ۾ آزمايل تزويراتي حصيداري جي لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. هن چيو ته هتي اچڻ تي عوام پاران شاندار استقبال ۽ هتان جي خوبصورت موسم ۽ ماحول مون کي تمام گهڻو متاثر ڪيو. سنڪيانگ پاڪستان جي دلين ۾ خاص حيثيت رکي ٿو، جنهن سان ڊگها ثقافتي ۽ تاريخي لاڳاپا آهن، جيڪي چين ۽ پاڪستان کي پاڻ ۾ ڳنڍين ٿا، هي نه رڳو واپار ۽ مواصلات جي رابطن جو ذريعو آهي پر اسان جي ٻن عظيم قومن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ٿو. هن چيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا منفرد نوعيت جا آهن، جيڪي ٻطرفي گڏيل اعتماد، احترام ۽ هر وقت ۾ آزمايل آهن، جيڪو اسان جي ايندڙ نسلن جي لاءِ هڪ مثال آهي. پاڪستان ۾ سڀني سياسي وابستگين کان مٿانهون ٿي ڪري ان ڳالهه تي متفق اتفاق آهي ته چين ۽ پاڪستان جي دوستي اسان جي ٻنهي ملڪن جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ علائقائي ترقي ۽ امن جي ضامن آهي. اسان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي ڊگهي مدي واري اسٽريٽجڪ حصيداري جي ڏس ۾ ڏسون ٿا. دنيا ۾ ٿيندڙ تبديلين کان مٿانهون ٿي ڪري چين ۽ پاڪستان جي دوستي پائيدار ۽ برقرار رهي آهي. ٻنهي ملڪن جا دوستاڻا لاڳاپا هاڻي اقتصادي حصيداري طرف گامزن آهن. سي پيڪ ان سلسلي جي اهم ڪڙيءَ آهي، جيڪو بي آر آئي تحت هڪ جامع منصوبو آهي، ان سان ٻنهي ملڪن جي عوام جي وچ ۾ رابطن سان علائقائي امن کي فروغ ملندو. سي پيڪ ۾ گوادر کي مرڪزي حيثيت حاصل آهي. سي پيڪ سان صنعتي ترقي، ڪاروبار، معدنيات ۽ آءِ ٽي کي فروغ ملندو. ان منصوبي اسان کي ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي اپ گريڊ ڪرڻ ۾ مدد ڏني آهي. توانائي جي گهٽتائي پوري ڪرڻ ۽ بلوچستان ۾ گوادر بندرگاهه جي قيام ۾ مدد ڏني آهي پر ان سان مقامي سطح تي روزگار جا موقعا پيدا ٿيا، زندگي جو معيار بلند ٿيو ۽ علائقائي رابطا وڌيا. چين جي صدر گذريل سال سنڪيانگ جي دوري جي موقعي تي سنڪيانگ کي رابطن جو مرڪز قرار ڏيندي ان جي تاريخي اهميت کي اجاگر ڪيو هو. پاڪستان چين سان لازوال اسٽريٽجڪ حصيداري کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪري ٿو، جيڪو نه رڳو انفراسٽرڪچر پر انساني رابطا وڌائڻ به شامل آهي. هن چيو ته سنڪيانگ رڳو واپاري ۽ مواصلاتي لنگهه نه آهي پر ٻن عظيم قومن کي ڳنڍڻ جو سبب پڻ آهي. پاڙيسري هجڻ سان گڏوگڏ گڏيل ثقافت جي ڪري سنڪيانگ پاڪستانين جي دلين ۾ خاص اهميت رکي ٿو. عوامي سطح تي لاڳاپا، پائيدار ترقي، امن ۽ استحڪام، تعليم ۽ ٽيڪنيڪل شعبي ۾ تعاون جي لاءِ هي دورو هڪ سنگ ميل آهي. سنڪيانگ تي پاڪستان جي بنيادي موقف جو ورجاءُ ڪندي هن چيو ته ان تي چين جي بنيادي مفاد ۾ اسان جو موقف اصولي آهي. سنڪيانگ سي پيڪ جو اهم ڪردار ۽ پاڪستان سان رابطن جو ذريعو آهي. گلگت بلتستان ۽ سنڪيانگ ٻه پاڙيسري علائقا آهن. هن چيو ته خنجراب ۽ سوست بارڊر واپار جي لاءِ وڌيڪ سهولتن جي فراهمي لاءِ پرعزم آهي. هن اقتصادي لاڳاپن کي وڌيڪ گهرو ڪرڻ جي لاءِ ڪرمئي ۽ گوادر ۽ گوادر ۽ ڪاشغر کي سسٽر سٽي قرار ڏيڻ جي تجويز ڏني. هن چيو ته اسان پاڪستان ۾ ”جوائنٽ ايگريڪلچر ڊيمانسٽريشن زون“ جي قيام جا خواهشمند آهيون جتي جديد ٽيڪنالاجي متعارف ڪرائي ويندي. سنڪيانگ جي تعاون سان گلگت بلتستان ۾ سولر انرجي ۾ تعاون جا به خواهشمند آهيون. اسان سنڪيانگ ۽ چين جي ٻين علائقن جي سياحن کي دعوت ڏيون ٿا ته اهي پاڪستان جي سياحتي ماڳن جو دورو ڪن. ان سلسلي ۾ چين جا 15 ٽوئر آپريٽرز جي گروپ سان پاڪستان ۾ ملاقات ٿي، جيڪي سوست بارڊر ذريعي پاڪستان آيا هئا. هن چيو ته تعليم جي شعبي ۾ گڏيل تحقيق، فيڪلٽي ميمبرن جي مٽاسٽا ۽ اسڪالرشپ، لاڳاپن کي سگهه ڏيڻ ۾ اهم ثابت ٿي سگهن ٿا. هن چيو ته منهنجي خواهش آهي ته وڌيڪ پاڪستاني ان يونيورسٽي ۽ چين جي ٻين تعليمي ادارن ۾ تعليم حاصل ڪن. اسان چين کي پنهنجو سٺو دوست ۽ پاڙيسري سمجهون ٿا. هن ان موقعي تي وچ اوڀر خاص طور تي غزه جي صورتحال جو ذڪر ڪندي چيو ته سڄي دنيا ۾ امن سان محبت ڪندڙ مختلف مذهب ۽ علائقن جي ماڻهن کي اپيل ڪريون ٿا ته اهي غزه ۾ معصوم فلسطينين تي اسرائيل جي بربريت خلاف آواز اٿارين. بعد ۾ هو سنڪيانگ يونيورسٽي جي شاگردن ۽ شاگردياڻين ۾ گهلي ملي ويو. انهن جي خيريت ۽ اتان جي يونيورسٽي ۾ انهن جي شعبن بابت معلوم ڪيو. ان موقعي تي ڳالهائيندي نگران وزيراعظم چيو ته ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ پاڪستاني شاگرد سنڪيانگ ۾ تعليم حاصل ڪن. سياحت جي فروغ لاءِ ٻطرفا قدم کنيا ويندا. چين انتهائي خوبصورت ملڪ ۽ سٺن ماڻهن جو معاشرو آهي، نوجوان ڪنهن به معاشري جي ترقي جو اهم جز آهن. ترقي جي لاءِ زندگي جو مقصد متعين ڪرڻو پوندو. چين ۾ پاڪستاني شاگرد پاڪستان ۾ سياحت جي فروغ لاءِ ڪردار ادا ڪن. هن شاگردن کي چيو ته توهان اسان جو مستقبل آهيو ۽ سڀاڻي پنهنجي ملڪ جي قيادت سنڀاليندا.

مضمون کا ماخذ : estratégias dupla sena
متعلقہ مضامین
مزید خبریں