پاڪستان ۽ چين پاران فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد جي موجوده وڌندڙ شدت تي گهري ڳڻتي جو اظهار، فوري جنگبندي جو مطالبو

image

اسلام آباد – 20 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ چين فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد جي موجوده وڌندڙ شدت تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي فوري جنگبندي جو مطالبو ڪيو آهي. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي چين جي دوري جي پڄاڻي تي جاري ٿيندڙ گڏيل بيان ۾ ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته تڪرار مان نڪرڻ جو بنيادي رستو ”ٻه رياستي حل ۽ فلسطين جي آزاد رياست جو قيام“ ۾ آهي. گڏيل بيان ۾ ويڙهه بند ڪرڻ، شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ وڌيڪ انساني تباهي کان بچڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش ڪرڻ جو مطالبو ڪيو ويو آهي. پرڏيهي آفيس پاران جاري گڏيل بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق عوامي جمهوريه چين جي صدر شي جن پنگ جي دعوت تي عالمي تعاون بابت ٽئين بيلٽ اينڊ فورم ۾ شرڪت جي لاءِ 16 کان 20 آڪٽوبر 2023ع تائين چين جو دورو ڪيو جنهن دوران ٻنهي ڌرين 20 معاهدن ۽ مفاهمت جي ياداشتن تي صحيحون ڪيون جن ۾ بي آر آئي، بنيادي ڍانچي، کاڻين جي کوٽائي، صنعت، ماحول دوست ترقي، صحت، خلائي تعاون، ڊيجيٽل معيشت، ترقياتي تعاون ۽ چين کي زرعي مصنوعات جي برآمدات جي معاهدا ۽ ٺاهه شامل آهن. گڏيل بيان موجب ڌرين فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڇڪتاڻ ۽ تشدد ۾ تازي اضافي تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ فوري طور تي جنگبندي ۽ شهرين جي تحفظ ۽ غزه ۾ ان کان به بدتر انساني تباهي کي روڪڻ جي لاءِ هر ممڪن ڪوشش جو مطالبو ڪيو. ٻنهي ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته تڪرار مان نڪرڻ جو بنيادي رستو ٻه رياست تي حل تي عملدرآمد ۽ فلسطين جي هڪ آزاد رياست جي قيام ۾ آهي. عالمي برادري کي فوري طور تي ڪم ڪرڻ جي ضرورت آهي، فلسطين جي مسئلي تي ڌيان ڏيڻ، فلسطين ۽ اسرائيل جي وچ ۾ ڳالهين جي جلد بحالي ۾ سهولت فراهم ڪرڻ ۽ پائيدار امن آڻڻ جو رستو ڳوليو وڃي. ڌرين گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن ۽ گڏيل طور تي عالمي نظام کي برقرار رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو جنهن ۾ گڏيل قومن محور ۽ عالمي قانون تي ٻڌل عالمي نظام ۽ گڏيل قومن جي چارٽر جي مقصدن ۽ اصولن تي ٻڌل عالمي لاڳاپن کي هلائيندڙ بنيادي اصول شامل آهن. ٻئي ڌريون عالمي برادري جي اتحاد ۽ تعاون جون حامي آهن، بالادستي ۽ طاقت جي سياست جي مخالفت ڪن ٿا، حقيقي گهڻ رخي جي پاسداري ڪن ٿا ۽ امن، ترقي، برابري، انصاف، جمهوريت ۽ آزادي جي انسانيت جي گڏيل قدرن کي فروغ ڏين ٿا. گڏيل بيان موجب ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين ۽ پاڪستان جي لاڳاپن ۾ گڏيل اعتماد بنيادي حيثيت رکي ٿو. ڌرين ان ڳالهه تي اتفاق ڪيو ته چين ۽ پاڪستان هر آزمائش تي پورو لهندڙ اسٽريٽجڪ ڪوآپريٽو پارٽنر ۽ آئرن برادرز آهن. ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي آزمايل آهي. چيني وفد ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته چين ۽ پاڪستان جا لاڳاپا ان جي پرڏيهي لاڳاپن ۾ ترجيح آهن. پاڪستان ان ڳالهه تي زور ڏنو ته پاڪ چين لاڳاپا ان جي پرڏيهي پاليسي جو سنگ بنياد آهن. ٻنهي ڌرين چين ۽ پاڪستان جي وچ م لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ ۽ ڊگهي مدي واري موقف سان ڏسندا رهندا، ترقي جي راهه تي گڏجي اڳتي وڌندا ۽ نئين دور ۾ گڏيل مستقبل سان چين پاڪستان ڪميونٽي جي تعمير ۾ تيزي آڻيندا. ڌرين پنهنجي پنهنجي بنيادي مفادن ۽ اهم خدشن سان لاڳاپيل معاملن تي هڪ ٻئي جي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستاني وفد ون چائنا اصول تي پنهنجي پختي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته تائيوان چين جي سرزمين جو حصو آهي ۽ پاڪستان قومي يڪجهتي حاصل ڪرڻ جي لاءِ چيني حڪومت جي ڪوششن جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو ۽ ڪنهن به قسم جي ”تائيوان جي آزادي“ جي مخالفت ڪري ٿو. پاڪستان بحيره ڏکڻ چين، هانگ ڪانگ، سنڪيانگ ۽ زي زانگ جي معاملن تي چين جي ڀرپور حمايت ڪري ٿو. چيني وفد پاڪستان جي خودمختياري، قومي آزادي ۽ علائقائي سالميت جي تحفظ، پاڪستان جي قومي حالتن موجب معاشي استحڪام ۽ ترقي جي راهه تي گامزن ٿيڻ، دهشتگردي جي خلاف جنگ ۽ علائقائي ۽ عالمي معاملن تي وڏو ڪردار ادا ڪرڻ ۾ پنهنجي حمايت جو ورجاءُ ڪيو. پاڪستان عالمي تعاون بابت بيلٽ اينڊ روڊ فورم جي ڪامياب انعقاد تي چين کي دلي مبارڪباد ڏني. چين پاران بيلٽ اينڊ روڊ تعاون ۾ پاڪستان جي مسلسل حمايت ۽ شرڪت کي ساراهيو ويو. ٻنهي ڌرين تسليم ڪيو ته بيلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو (بي آر آئي) عالمي اقتصادي ترقي جو هڪ مضبوط محرڪ آهي، عالمي اقتصادي تعاون جي لاءِ هڪ پليٽ فارم فراهم ڪري ٿو، سڄي دنيا ۾ گڏيل ترقي جي لاءِ امڪان کولي ٿو ۽ وسيع پئماني تي ساراهي ويندڙ عالمي عوامي ڀلائي سان گڏوگڏ انسانيت جي لاءِ گڏيل مستقبل سان هڪ ڪميونٽي جي تعمير ۾ هڪ اهم جز بڻجي ويو آهي. ڌرين اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون تي گڏجي ڪم ڪرڻ ۽ امن، ترقي ۽ گڏيل تعاون جي روشن مستقبل جي شروعات ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين تسليم ڪيو ته چين پاڪستان اقتصادي لنگهه (سي پيڪ) بي آر آئي جي هڪ اهم منصوبي جي طور تي پنهنجي قائم ٿيڻ جي 10 سالن ۾ نتيجاخيز نتيجا برآمد ڪيا آهن ۽ هاڻي اعليٰ معيار جي ترقي جي هڪ نئين مرحلي ۾ داخل ٿي ويو آهي. ڌرين ڏيل طور تي گروٿ ڪوريڊور، روزگار وڌائيندڙ لنگه، جدت طرازي ڪوريڊور، گرين ڪوريڊور ۽ کليل لنگهه جي تعمير ۽ سي پيڪ کي اعليٰ معيار جي بيلٽ اينڊ روڊ تعاون جي مثالي منصوبي طور تعمير ڪرڻ جو سلسلو جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. گوادر پورٽ جي اهميت کي تسليم ڪندي ٻنهي ڌرين گوادر پورٽ جي ترقي ۽ ان جي معاون منصوبن کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ڊي سيلينيشن پلانٽ، نيو گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ (اين جي آئي اي)، پاڪ چائنا فرينڊشپ اسپتال ۽ ٻين منصوبن تي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين گوادر کي اعليٰ معيار جي بندرگاهه، علائقائي واپاري مرڪز ۽ رابطا مرڪز بڻائڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. ان ڳالهه کي تسليم ڪندي ته ايل ايم ون جي اپ گريڊيشن سي پيڪ فريم ورڪ تحت هڪ اهم منصوبو آهي ۽ پاڪستان جي سماجي ۽ معاشي ترقي جي لاءِ تمام اهميت رکندڙ آهي، ٻنهي ڌرين ان منصوبي کي جلد کان جلد لاڳو ڪرڻ جي لاءِ ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن جي گڏيل تفهيم موجب عمل ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين شاهراهه قراقرم (رائي ڪوٽ ٿاڪوٽ سيڪشن) جي نئين سر جوڙجڪ جي منصوبي جي شروعاتي ڪم ۾ ٿيندڙ اهم اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ان تي عملدرآمد کي تيز ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين سي پيڪ تحت پاڪستان جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۽ رابطا وڌائڻ جي لاءِ رفتار پيدا ڪرڻ جي لاءِ ڊي آئي خان زوب روڊ منصوبي جي تياري جي ڪم کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيني ڌر فوٽو وولٽڪ ۽ ٻين قابل تجديد توانائي جي منصوبن کي ڀرپور انداز ۾ ترقي ڏيڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو جيڪي توانائي جي شعبي جي گرين ۽ ماحول دوست ترقي سان اهم آهنگ آهن. ٻئي ڌريون چيني ڪمپنين جي حوصلا افزائي ڪن ٿيون ته اهي عام واپاري اصولن موجب اهڙي طرح جي منصوبن جي ترقي ۾ وڌيڪ حصو وجهن ته جيئن ان جا نتيجا حاصل ڪري سگهجن. ڌرين پاڪستان جي صنعتڪاري ۾ مدد جي لاءِ صنعتي تعاون جي فريم ورڪ معاهدي تي عملدرآمد کي فعال طور تي فروغ ڏيڻ ۽ چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ مينوفيڪچرنگ جي ترغيب ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته سي پيڪ گڏيل تعاون جي لاءِ هڪ کليل ۽ جامع پليٽ فارم آهي ۽ ڪنهن ٽئين ڌر کي سي پيڪ تعاون جي ترجيحي شعبن جهڙوڪ صنعت، زراعت، آءِ سي ٽي، سائنس ۽ ٽيڪنالاجي ۾ سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي آجيان ڪري ٿو. ڌرين کاڻين جي کوٽائي جي صنعت ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو جنهن ۾ جاگرافيائي سروي، جاگرافي ۽ معدنيات تي گڏيل تحقيق، باصلاحيت ماڻهن جي تربيت ۽ کاڻين جي کوٽائي جي صنعتي پارڪن جي منصوبابندي شامل آهي. ڌرين تسليم ڪيو ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ زرعي تعاون جي وڏي صلاحيت آهي ۽ خاص طور تي سي پيڪ جي فريم ورڪ تحت فصلن جي افزائش ۽ جيتن تي ضابطو آڻڻ جي منصوبن ۾ ٺوس اڳڀرائي ٿي آهي. ڌرين فصلن جي پوکيءَ، جانورن ۽ ٻوٽن جي بيمارين جي روڪٿام، زرعي مڪينائزيشن، زرعي ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا ۽ زرعي مصنوعات جي واپار جهڙن شعبن ۾ تعاون کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين انفارميشن ٽيڪنالاجي انڊسٽري بابت سي پيڪ جوائنٽ ورڪنگ گروپ جي فريم ورڪ تحت مٽاسٽا ۽ تعاون کي مضبوط بڻائن، گڏيل طور تي ڊيجيٽل انفراسٽرڪچر جي تعمير ۽ انتظام کي بهتر بڻائڻ، جديد ٽيڪنالاجيز ۾ تعاون کي اڳتي وڌائڻ ۽ انفارميشن ٽيڪنالاجي سروس جي لاءِ صلاحيت وڌائڻ ۽ ڊيجيٽل معيشت جي اعليٰ معيار جي ترقي کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين سماجي اقتصادي تعاون بابت سي پيڪ ورڪنگ گروپ تحت حاصل ٿيندڙ مثبت نتيجن تي اطمينان سان جائزو ورتو. پاڪستاني وفد پاڪستان ۾ ٻوڏ کانپوءِ نئين سر تعمير ۽ بحالي جي لاءِ چين جي تعاون کي ساراهيو. چين ”گڏيل خوشحالي“ جي تصور موجب ماڻهن جي روزگار جي ذريعن کي بهتر بڻائڻ ۽ آفتن کانپوءِ جي نئين سر تعمير ۾ پاڪستان جي مدد جاري رکندو، جنهن ۾م وثر روزگار جي ذريعي امداد جي منصوبن تي عملدرآمد کي ترجيح ڏني ويندي، خاص طور تي سڀ کان وڌيڪ متاثر ۽ ڪمزور ماڻهن کي سماجي ۽ معاشي فائدا فراهم ڪيا ويندا. چين پاڪ چين آزاد واپاري معاهدي جي فريم ورڪ تحت چين کي روانگي واپار وڌائڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪرڻ تي راضپي جو اظهار ڪيو ۽ پاڪستان کي تجربن جي مٽاسٽا، خصوصي مطالعات، ماهرن جي مٽاسٽا ۽ اهلڪارن جي تربيت جي ذريعي پنهنجي برآمدي صلاحيت کي بهتر بڻائڻ ۾ مدد فراهم ڪندو. پاڪستان وڏيڪ چيني ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري جي لاءِ ڀليڪار چئي ۽ سيڙپڪاري جي ماحول کي بهتر بڻائڻ جي تازي قدمن ۽ خصوصي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آئي ايف سي) جي قائم ٿيڻ بابت آگاهه ڪيو. چيني وفد پاڪستان ۾ چيني سيڙپڪاري ۽ ڪاروبار کي سهولت فراهم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن کي ساراهيو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ڪاروباري مٽاسٽا ۾ اضافي جي تازي رفتار کي ساراهيو ۽ بي ٽو بي مٽاسٽا کي وڌيڪ آسان بڻائڻ جو عزم ڪيو. ڌرين گڏيل عوامي مٽاسٽا ۽ سهولتڪاري جي سطح کي وڌائڻ جي لاءِ ڪوششون ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين پاڪستان کان چين کي گوشت ۽ خشڪ مرچ جي برآمد ۽ چيني مارڪيٽ ۾ پاڪستاني تازي چيري جي لاءِ چين جي مارڪيٽ ۾ پهچ حاصل ڪرڻ بابت پروٽوڪول ۽ هلندڙ سال چين کي پاڪستاني ڊيري مصنوعات ۽ جانورن جي کلن جي برآمد تائين پهچ بابت معاهدي جو ذڪر ڪيو. چين وڌيڪ اعليٰ معيار جي پاڪستاني مصنوعات ۽ پاڪستاني ادارن کي چيني مارڪيٽ ۾ داخل ٿيڻ جي لاءِ ڀليڪار چوي ٿو. ڌرين جو مڃڻ آهي ته خنجراب دره ٻطرفي واپار ۽ عوامي سطح تي مٽاسٽا کي فروغ ڏيڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿو. ڌرين اعلان ڪيو ته خنجراب پاس سڄو سال ڪم ڪندو ۽ خنجراب پاس جي بنيادي ڍانچي جي تعمير ۽ انتظام کي تيز ڪرڻ ۽ ان سان اچ وڃ جي صورتحال کي بهتر بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ڪرنسي جي مٽاسٽا جي معاهدي ۽ رينمنبي حل ۽ ڪليئرنگ تي تعاون جي اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ مالياتي ۽ بئنڪاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان پنهنجي مالياتي شعبي جي لاءِ چين جي اڻٿڪ حمايت تي ٿورا مڃيا. ڌرين خلائي سائنس، ٽيڪنالاجي ۽ خلائي ايپلي ڪيشن ۾ سگنل جي اڳڀرائي کي اڳتي وڌائڻ جي لاءِ مٽاسٽا جي پروگرامن، وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ ۽ جدت طرازي جي ذريعي پنهنجي پراڻي خلائي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي پنهنجي پختي عزم جو اظهار ڪيو. ٻنهي ڌرين خلائي عملدارن پاران صحيحون ٿيل عالمي قمري تحقيقي اسٽيشن بابت تعاون جي دستاويز بابت اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن کي جديد ترين خلائي مشنز ۾ قيادت ڪرڻ جي لاءِ ٻاهرئين خلا جي ڳولا ۾ اڳڀرائي کي اڳتي وڌڻ تي اتفاق ڪيو جنهن سان انسانيت جي بهتري ۽ اسان جي تهذيبن جي ترقي جي لاءِ سائنسي اڳڀرائي ۽ بي مثال دريافتن جي دور جي شروعات ٿيندي. پاڪستان پاران چين کي ڄمون ۽ ڪشمير جي صورتحال کان آگاهه ڪيو. چيني وفد ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته ڪشمير هڪ پراڻو تڪرار آهي جنهن کي گڏيل قومن جي چارٽر، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن ۽ ٻطرفي معاهدن موجب مناسب ۽ پرامن طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. بيان موجب ٻنهي ڌرين هر قسم جي دهشتگردي جي مذمت ڪئي. چيني وفد دهشتگردي جي خلاف جنگ ۾ پاڪستان جي ڪردار ۽ قربانين جو اعتراف ڪيو. ڌرين عالمي امن ۽ سلامتي کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ دهشتگردي جي خاتمي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. پاڪستان پاڪستان ۾ سمورن چيني اهلڪارن، منصوبن ۽ ادارن جي تحفظ کي يقيني بڻائڻ ۽ چيني اهلڪارن کي نشانو بڻائيندڙ دهشتگرد حملن جي ذميوارن جو گهيراءُ ڪرڻ جي پنهنجي عزم جو ورجاءُ ڪيو. چيني وفد ان سلسلي ۾ پاڪستان پاران ڪئي ويندڙ عظيم ڪوششن کي ساراهيو. ڌرين جاري ٻطرفي سيڪيورٽي تعاون تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ڌرين خاص طور تي پيلس ميوزيم ۾ منعقد گڏيل گنڌارا آرٽ نمائش جي ڪاميابي کي ساراهيو ۽ ان تقريب کي چين جي مختلف حصن ۾ سياحتي نمائش ۾ تبديل ڪرڻ جي آجيان ڪئي. پاڪستان پاران چين جي ثقافت ۽ سياحت واري وزارت پاران آئوٽ بائونڊ گروپ ٽوئرازم جي لاءِ منظور ٿيل ملڪن جي فهرست ۾ پاڪستانجي شموليت جي آجيان ڪئي. ڌرين ٻنهي ملڪن جي سياحتي شعبي جي وچ ۾ مٽاسٽا کي مضبوط بڻائڻ تي اتفاق ڪيو. ڌرين ٻنهي ملڪن جي هٿياربند فوج جي وچ ۾ ويجهي تعاون، اعتماد ۽ ڪميونيڪشن تي اطمينان جو اظهار ڪيو. ان ڳالهه تي زور ڏيندي چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ مضبوط اسٽريٽجڪ دفاع ۽ سيڪيورٽي تعاون خطي ۾ امن ۽ استحڪام جو هڪ اهم عنصر آهي، ڌرين اعليٰ سطح جي عسڪري دورن ۽ مٽاسٽا کي برقرار رکڻ ۽ تربيت، گڏيل مشقن ۽ فوجي ٽيڪنالاجي جي شعبن ۾ تعاون کي گهرو ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. بيان موجب پاڪستاني وفد چيني قيادت جي کلي پن، علائقائي رابطن، اقتصادي انضمام ۽ ٽيڪنالاجي جي مٽاسٽا تي راضپي جي ويزن جي ڀرپور حمايت جو اظهار ڪيو. پاڪستان گلوبل ڊيولپمينٽ انيشي ايٽو، گلوبل سيڪيورٽي انيشي ايٽو ۽ گلوبل سولائيزيشن انيشي ايٽو جي حمايت جاري رکندو ۽ پائيدار ترقي جي لاءِ اسرندڙ ملڪن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ چين جي ڪوششن کي ساراهي ٿو. ڌرين افغانستان جي مسئلي تي رابطي ۽ ڪوآرڊينيشن کي مضبوط بڻائڻ ۽ علائقائي امن ۽ استحڪام کي گڏيل طور تي برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو. گڏيل بيان موجب بيجنگ ۾ صدر شي جن پنگ ۽ نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ جي وچ ۾ ملاقات ٿي. نگران وزيراعظم چيني وزيراعظم لي ڪيانگ ۽ ڪميونسٽ پارٽي آف چائنا (سي پي سي) جي سينٽرل ڪميٽي جي پوليٽيڪل بيورو جي اسٽينڊنگ ڪميٽي جي ميمبر ۽ سي پي سي سينٽرل ڪميشن فار ڊسيپلين انسپيڪشن جي سيڪريٽري لي شي سان پڻ ملاقاتون ڪيون. ٻنهي ملڪن جي اڳواڻن خوشگوار ماحول ۾ تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جنهن ۾ چين ۽ پاڪستان جي وچ ۾ اسٽريٽجڪ تعاون جي حصيداري کي مضبوط بڻائڻ، مختلف شعبن ۾ عملي تعاون ۽ گڏيل دلچسپي جي عالمي ۽ علائقائي معاملن تي وسيع اتفاق راءِ ڏٺو ويو. نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ پنهنجي ۽ پنهنجي وفد جي شاندار مهمان نوازي تي چين جي قيادت ۽ عوام جا ٿورا مڃيا ۽ صدر شي جن پنگ کي پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام پاران جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جي دعوت ڏني. ٻنهي ڌرين سفارتي ذريعن سان ان معاملي تي رابطو برقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.

مضمون کا ماخذ : میگا ملینز لائیو ڈرا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں