حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ

image

ڪراچي – 07 – ڊسمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ملڪي معيشت کي وڌيڪ بهتر ڪرڻ جي لاءِ ڪاروباري طبقي کي بهترين ماحول فراهم ڪرڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪندي چيو آهي ته حڪومت ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ ٺوس قدم کڻي رهي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين کي ايوارڊ ڏيڻ جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪري ايوارڊ حاصل ڪندڙ ڪمپنين کي مبارڪباد ڏيان ٿو، اميد آهي ته مستقبل ۾ انهن ڪمپنين جي انگ ۾ اضافو ٿيندو، انهن ڪمپنين ملڪي معيشت جي استحڪام ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي ۽ وڏي پئماني تي روزگار جا موقعا پيدا ڪيا آهن. هن چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جو 60 هزار جي حد عبور ڪرڻ تاريخي ڪاميابي آهي، اها تاريخي ڪاميابي ملڪ ۾ وڌيڪ سڌارن جي اڳڪٿي آهي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي، اسان کي ان شاندار ڪاميابي جي تسلسل کي جاري رکڻو آهي. هن چيو ته ڪاروباري اڳواڻن کي ڊيجيٽل انقلاب ۽ جديد ٽيڪنالاجي مان فائدي تي ڌيان ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته نگران حڪومت اسمگلنگ، ذخيره اندوزي ۽ بجلي چوري جي روڪٿام جي لاءِ قدم کنيا آهن، ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ لاءِ خصوصي قدم کڻي رهيا آهيون. هن چيو ته واپاري برادري ملڪي معيشت جي فروغ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان اي سي او سميت ٻين اهم فورمز جو اهم حصيدار آهي، پاڪستان جي لاءِ آفريقي ملڪن، خطي ۽ ان کان ٻاهر واپار جا وسيع موقعا موجود آهن، عالمي منڊين کي نظر ۾ رکندي پنهنجون خدمتون ۽ مصنوعات تيار ڪن، ڪاروباري ماڻهو ٻاهرئين ملڪ منڊين ۾ پهچ ۽ ڪاميابي کي پنهنجو هدف بڻائين، اسان کي مستقبل م چين ۾ ايندڙ وڏي سيڙپڪاري مان فائدو کڻڻ جي لاءِ پاڻ کي تيار ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪس اوڳاڙين ۾ اضافي سان عوام کي ريليف فراهم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. نگران وزيراعظم چيو ته ايس آءِ ايف سي جو قيام اهم سنگ ميل آهي، ان سان وڏي پئماني تي ملڪ ۾ سيڙپڪاري آڻڻ ۾ مدد ملندي، غيرملڪي ۽ ملڪي سيڙپڪارن کي سيڙپڪاري دوست ماحول مان فائدو کڻڻ گهرجي، نجي شعبي جي سيڙپڪاري کي ڀليڪار چونداسين، رخ جي درستگي سان شاندار ڪاميابيون حاصل ڪري سگهجن ٿيون، خواهش آهي ته اهڙا قدم کڻون جن سان ايندڙ حڪومت جي لاءِ آسانيون پيدا ٿين. هن چيو ته هر شعبي کي پنهنجي صلاحيت استعمال ۾ آڻڻ سان ڪاميابيون حاصل ٿينديون، ملڪ جي خوشحال مستقبل جي لاءِ پراميد آهيان. هن چيو ته وڏين ڪمپنين کي فلاحي ڪمن ۾ وڌي چڙهي حصو وٺڻ گهرجي. تقريب کي خطاب ڪندي ناڻي واري نگران وفاقي وزير ڊاڪٽر شمشاد اختر چيو ته اسان ملڪي معيشت کي استحڪام جي راهه تي گامزن ڪرڻ ۾ ڪامياب رهيا آهيون، ڪاروبار سان واڳيل سمورن ادارن جي تعاون سان پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ڪاميابي حاصل ڪئي، 2023ع ۾ اسٽاڪ ايڪسچينج جي ڪاروبار ۾ 30 سيڪڙو اضافو ٿيو، اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ سڌارن سان سيڙپڪارن جو اعتماد وڌيو. هن چيو ته ايف بي آر ۾ سڌارن جا مثبت نتيجا آيا آهن، ملڪي مفاد ۾ مشڪل فيصلا ڪيا آهن. هن چيو ته حڪومت ڪاروبار ۾ بهتري جي لاءِ درآمدات تان پابندي کنئي، پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ اسلامڪ فنانس جي شموليت جا مثبت نتيجا سامهون آيا، پي ايس ايڪس جو شمار دنيا جي بهترين اسٽاڪ ايڪسچينجز ۾ ٿي رهيو آهي، ان سان ملڪ ۾ سيڙپڪاري جي فروغ ۾ مدد ملي رهي آهي. ان موقعي تي نگران وزيراعظم اسٽاڪ ايڪسچينج تحت 25 بهترين ڪمپنين ۾ ايوارڊز پڻ ورهايا. تقريب ۾ سنڌ جي گورنر ڪامران ٽيسوري ۽ سنڌ جي نگران وڏي وزير جسٽس (ر) مقبول باقر پڻ شرڪت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں