وزيراعظم پاران شيخ منصور بن زيد النهيان کي گڏيل عرب امارات جو نائب صدر مقرر ٿيڻ تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران مبارڪون

image

اسلام آباد – 30 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ منصور بن زيد النهيان جي گڏيل عرب امارات جي نائب صدر طور مقرري تي پاڪستان جي عوام ۽ حڪومت پاران کيس دلي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف شيخ منصور بن زيد النهيان کي مبارڪباد ڏيندي دعا ڪئي ته سندس مقرري گڏيل عرب امارات ۽ ان جي عوام لاءِ ڪاميابي ۽ خوشحالي جو نئون باب هوندو.

مضمون کا ماخذ : loteria آن لائن confiável
متعلقہ مضامین
مزید خبریں