بلاول ڀٽو زرداري پاران پارٽي ڪوئيٽا ڊويزن جي صدر خير محمد ترين ۽ پيپلز لائرز فورم بلوچستان جي صدر بهرام ترين ايڊووڪيٽ سان سندن چاچي جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار

image

ڪراچي – 28 – مارچ (اي پي پي) پاڪستان پيپلزپارٽي جي چيئرمين ۽ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پارٽي ڪوئيٽا ڊويزن جي صدر خير محمد ترين ۽ پيپلز لائرز فورم بلوچستان جي صدر بهرام ترين ايڊووڪيٽ سان سندن چاچي عبدالواسع ترين ايدووڪيٽ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. بلاول هائوس ميديا سيل پاران جاري بيان موجب بلاول ڀٽو زرداري تعزيتي پيغام ۾ مرحوم جي لاءِ جنت الفردوس ۽ پونئيرن جي لاءِ صبر جميل جي دعا ڪئي آهي.

مضمون کا ماخذ : آن لائن اور ایپلیکیشنز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں