انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي اسان جي معيشت کي مضبوط بنيادن تي بيهاري سگهي ٿي: وزيراعظم محمد شهباز شريف

image

اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي جي ترقي اسان جي معيشت کي مضبوط بنيادن تي بيهاري سگهي ٿي. ان شعبي کي درپيش رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ ان صنعت سان واڳيل اڳواڻن جي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته آءِ ٽي سيڪٽر جي ترقي اسان جي معيشت کي مضبوط بنيادن تي بيهاري سگهي ٿي. ائين ڪرڻ جي لاءِ آءِ ٽي انڊسٽري جي مدد ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن چيو ته اڄ هن ان شعبي ۾ ايندڙ رڪاوٽن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ انڊسٽري سان واڳيل اڳواڻن جي هڪ ڪميٽي جوڙي آهي. آءِ ٽي جي روانگي واپار کي 3 سالن ۾ 15 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جو هدف تمام وڌيڪ حاصل ڪرڻ جوڳو آهي.

مضمون کا ماخذ : جنگل وائلڈ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں