نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ شارٽ فلم ڪلري هيريٽيج آف لاهور، ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“”سڪندر رڪشي والا“”سرپلز آف سلور لائٽنگ“،”بروشسڪي“”بهاولپور، ”حسن مستور“ايوارڊ ماڻي ورتا

image
APP62-261222 ISLAMABAD: December 26 - Prime Minister Muhammad Shehbaz Sharif giving award to student during National Amateur Short Film Festival Award distributing Ceremony at PM Secretariat. APP/SAK/FHA

اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ شارٽ فلم ڪلري هيريٽيج آف لاهور، ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“”سڪندر رڪشي والا“”سرپلز آف سلور لائٽنگ“،”بروشسڪي“”بهاولپور، ”حسن مستور“ايوارڊ ماڻي ورتا، وزيراعظم نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع ۾ ڪاميابي ماڻيندڙن ۾ ايوارڊ ورهايا. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول 2022ع جي ايوارڊ تقريب ٿي، جنهن ۾ مختلف ڪيٽيگرين ۾ ايوارڊ کٽيندڙ فلمن جي نالن جو اعلان ڪيو ويو. انڊر گريجوئيٽ ڪيٽيگري ۾ اقراءَ يونيورسٽي ڪراچي جي شاگرد سيد اعجاز رضا نقوي جي شارٽ فلم ”سرپلز آف سلور لائٽنگ“ پهرين پوزيشن، اقراءَ يونيورسٽي ڪراچي جي شاگرد احسن خان جي شارٽ فلم ”بروشسڪي“ ٻي پوزيشن، بيڪن هائوس نيشنل يونيورسٽي لاهور جي شاگرد عذير احمد جي شارٽ فلم ”بهاولپور“ ٽئين پوزيشن، سردار بهادر خان وومين يونيورسٽي جي پلوشه خان جي شارٽ فلم ”حسن مستور“ چوٿين پوزيشن، ڪينرڊ ڪاليج فار وومين يونيورسٽي لاهور جي شاگردياڻي سحر اعجاز جي شارٽ فلم ”ان ڪهي“ پنجين پوزيشن، قصور سان تعلق رکندڙ پنجاب يونيورسٽي جي شاگرد اويس منير جي شارٽ فلم ”واه گرو“ ڇهين پوزيشن ۽ اقراءَ يونيورسٽي پشاور جي شاگرد آدم خان جي شارٽ فلم ”گورکتري“ ستين پوزيشن حاصل ڪئي. اسپيشل فلم ڪيٽيگري ايوارڊز ۾ اقراءَ يونيورسٽي ڪراچي جي گريجوئيٽ محمد بلال عمران جي شارٽ فلم ”رهائي“ پهرين، هنزه سان تعلق رکندڙ نيشنل ڪاليج آف آرٽس جي شاگرد نديم الڪريمي جي شارٽ فلم ”سيڪريٽ لائيف“ ٻي، رحيم يار خان سان تعلق رکندڙ سپيريئر ڪاليج لاهور جي شاگرد محمد بلال طارق جي شارٽ فلم ”ياد گهريو“ ٽئين، بلوچستان يونيورسٽي آف انفارميشن ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ اينڊ مئنيجمينٽ سائنسز جي شاگرد محمد بلال جي شارٽ فلم ”دي بيوٽي آف بلوچستان“ چوٿين، لاهور ڪاليج فار وومين يونيورسٽي جي ربيعه شهزاد جي شارٽ فلم ”ڪلري هيريٽيج آف لاهور“ پنجين، قراقرم انٽرنيشنل يونيورسٽي گلگت جي شاگرد محمد وسيم جي شارٽ فلم ”دي هڊن ويليج آف هندوڪش“ ڇهين ۽ فاطمه جناح وومين يونيورسٽي راولپنڊي جي شاگردياڻي ايمن سليم جي شارٽ فلم ”سڪندر رڪشي والا“ ستين پوزيشن حاصل ڪئي. موبائيل فلم ڪيٽيگري ايوارڊ ۾ ايم اي او ڪاليج لاهور جي شاگرد محمد شايان ڪامياب قرار ڏنو ويو. ان جي شارٽ فلم جو نالو ”نارٿ ٽرن“ آهي. نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول ۾ حصو وٺندڙ سڀ کان گهٽ عمر جي شاگرد معيز احمد کي پڻ ايوارڊ ڏنو ويو. ان جي فلم جو نالو ”ديک لاهور“ آهي. تقريب ۾ نيشنل اميچور شارٽ فلم فيسٽيول کي ڪامياب بڻائڻ جي لاءِ دبئي پورٽ جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر سلطان احمد بن سلائم، حسن مختار ۽ فخر عالم کي يادگاري شيلڊ پيش ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ جیتنے کے نمبر
متعلقہ مضامین
مزید خبریں