انشورنس ڪمپنيون آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪن: صدر ڊاڪٽر عارف علوي

image
APP58-051022 ISLAMABAD: October 05 - President Dr Arif Alvi chairing a meeting regarding crop insurance at Aiwan-e-Sadr. APP

اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي انشورنس ڪمپنين ۽ ٻين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته آبادگارن جي سهولت لاءِ فصل جي انشورنس جو خودڪفيل ماڊل تيار ڪيو وڃي، ميڊيا جي ذريعي آبادگارن کي فصل انشورنس بابت آگاهي ڏيڻ جي ضرورت آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صدر ۾ فصل جي انشورنس بابت ڌرين جي اجلاس جي صدارت ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سينيٽر ثانيه نشتر، پنجاب جي زراعت واري وزير سيد حسين جهانيان گرديزي، وفاقي انشورنس محتسب ڊاڪٽر محمد خاور جميل ۽ اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان، نيشنل ڊيزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي، انشورنس ڪمپنين جي نمائندن ۽ ٻين شرڪت ڪئي. صدر چيو ته آبادگارن جي لاءِ هڪ مڪمل سوچيل سمجهيل، عملي ۽ دوستاڻي ٺوس حڪمت عملي طئي ڪئي وڃي جنهن جي لاءِ نجي ۽ سرڪاري شعبن جي سمورين ڌرين سان مشاورت کانپوءِ آبادگارن کي آسان طريقيڪار تحت فصل جي انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته آبادگارن کي فصل جي خرابي ۽ انساني ساخته ۽ قدرتي آفتن سان فصل جي نقصان کان بچائڻ پاڪستان جي لاءِ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ تمام ضروري آهي ڇو ته زراعت پاڪستان جي معيشت جو سڀ کان وڏو شعبو آهي ۽ اسان جي آبادي جي هڪ وڏي انگ جو سڌي طرح ۽ اڻ سڌي طرح دارومدار ان شعبي تي آهي. صدر چيو ته پاڪستان انهن 10 ملڪن ۾ شامل آهي جيڪي گلوبل وارمنگ سان پيدا ٿيندڙ قدرتي افتن جو سڀ کان وڌيڪ خطرو رکن ٿا ۽ ان رجحان جي ڪري آبادگارن کي بار بار ٻوڏ، ڊگهي سوڪهڙي، غيرمتوقع موسمي حالتن ۽ جيتن جي حملن جي ڪري اڪثر نقصانن کي منهن ڏيڻو پوي ٿو. هن هڪ جديد ترين سيٽلائيٽ اميجري تي ٻڌل موسم جي اڳڪٿي جو نظام قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو جيڪو صحيح اڳڪٿي خاص طور تي ٻوڏ بابت قيمتي ۽ مستنند ڊيٽا فراهم ڪرڻ جي قابل هجي ته جيئن آبادگارن کي فصل جي تباهي کان بچڻ جي لاءِ قيمتي معلومات ملي سگهي. اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته فصل جي انشورنس جي حوالي سان عمل جوڳو حل تجويز ڪرڻ جي لاءِ مختلف ڌرين جو هڪ فني ورڪنگ گروپ جوڙيو ويندو.

مضمون کا ماخذ : raspadinha resultados
متعلقہ مضامین
مزید خبریں