پاڪستان جي سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪري: احسن اقبال

image

اسلام آباد-20 سيپٽمبر (اي پي پي) رٿابندي، ترقي، سڌارن ۽ خاص قدمن واري وفاقي وزير پروفيسر احسن اقبال پاڪستان جي وڏي انگ کي اپيل ڪئي آهي ته هو ٻوڏ متاثرن جي دل کولي مدد ڪري، ڪابه آفت يا آزمائش ڪنهن قوم لاءِ وڏو امتحان هوندو آهي ته ٻئي پاسي هڪ موقعو به فراهم ڪندي آهي ته اچو هن آفت کي موقعو بڻائي پنهنجي اندر اعتماد پيدا ڪريون ته جيئن ان آفت جي سامهون اسان جي صلاحيت وڏي ۽ مضبوط آهي. عالم سڳورا منبر ۽ محراب ذريعي به ماڻهن ۾ مدد جو جذبو اُڀارين، حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته سڄي ملڪ جي يونيورسٽين ۾ پڙهندڙ 25 لک شاگرد هڪ مدر اينڊ چائلڊ نيوٽريشن پيڪ بڻائي متاثر علائقن ۾ موڪليندا، صوبائي حڪومتن سان گڏجي ايڊ اپ اي ڊسٽرڪٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون. اهڙو اظهار هن اين آر سي سي ۾ چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اين ايف آر سي سي ۾ حڪومت جي سطح تي وفاقي، صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج، سول سوسائٽي ۽ عالمي ادارن جي سهڪار سان فلڊ ريسپانس تي مربوط ڪم ٿي رهيو آهي. پاڪستان کي جديد دؤر جي سڀ کان وڏي موسمياتي آفت جو مُنهن ڏسڻو پئجي رهيو آهي، جديد تاريخ ۾ ايترو وڏو ڊزاسٽر ناهي آيو، جڏهن ايتري وڏي تباهي ٿيندي آهي ته ڏُکيائين تمام گهڻيون اينديون آهن، پهرئين ڏينهن کان اسان ڪوشش ڪئي ته ان حوالي سان پاڪستان جي عوام ۽ دوست ملڪن کي شامل ڪري جلد کان جلد نقصانن تي ضابطو آڻيون ۽ ماڻهن کي معمول جي زندگيءَ تي آڻيون. هن چيو ته پاڻيءَ جي نيڪالي سست هجڻ وارن علائقن، بلوچستان جي جابلو علائقن ۾ شديد برساتن، ڪي پي ڪي ۾ برساتن کان وڏي تباهي ٿي آهي، پاڻيءَ جو هڪ وڏو سمنڊ بلوچستان جي اوڀر ضلعن ۾ بيٺل آهي، سڄي جا سڄا ضلعا پاڻيءَ ۾ ٻُڏل آهن. هن چيو ته پاڪستان جو هڪ ڀاڱي ٽي حصو ٻوڏ سبب متاثر ٿيو آهي، 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا آهن، 1500 ماڻهو فوت ٿيا آهن، 8 لک چوپائي مال جو نقصان ٿيو آهي، اسان جي فوڊ سيڪيورٽيءَ کي شديد نقصان پهتو آهي. هن ٻُڌايو ته چانورن سميت ٻيو فصل تباهه ٿيو آهي. هن چيو ته حڪومت، هٿياربند فوج ۽ ادارا گڏجي ڪم ڪري رهيا آهن. هن چيو ته اسان جي ڪوشش آهي ته وڌ کان وڌ موبائل ڪلينڪ ۽ـ ميٽرنٽي سينٽر بڻايا وڃن، صحت جي شعبي تي توجهه ڏئي رهيا آهيون. هن چيو ته هاڻي وقت اچي ويو آهي ته سرنديءَ وارا ٻوڏ متاثرن جي مدد ڪن. آخري متاثر شخص جي بحاليءَ تائين اسان آرام سان نه ويهنداسين. هن چيو ته حڪومت فيصلو ڪيو آهي ته هائر ايجوڪيشن ڪميشن ذريعي سڀني يونيورسٽين تائين پهچنداسين ۽ اتي تعليم حاصل ڪندڙ 25 لک شاگردن ذريعي هر شاگرد هڪ مدر اينڊ چائلڊ نيوٽريشن پيڪ بڻائي، اهڙيءَ طرح 2 ملين پيڪ متاثرن تائين پهچائينداسين. هن چيو ته حڪومت اهو به فيصلو ڪيو آهي ته جيڪي ضلعا ٻوڏ سبب متاثر ناهن ٿيا انهن ذريعي سسٽر ڊسٽرڪٽ پروگرام شروع ڪري رهيا آهيون جنهن ۾ وڏن ضلعن وٽ وسيلا آهن اهي ايڊ اپ اي ڊسٽرڪٽ ڪندا، هڪ مهيني لاءِ متاثر ضلعي جا انتظامي معاملا سنڀالي ان کي بهتر ڪرڻ لاءِ پنهنجو ڪردار ادا ڪن. ان حوالي سان صوبائي حڪومتن کي درخواست ڪري رهيا آهيون ته ان مشڪل وقت ۾ اسان سان سهڪار ڪن. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي جي چيئرمين چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان ۾ تمام گهڻو نقصان ٿيو آهي، ڪوبه ملڪ اڪيلي سر اهڙي ڏُکيائين کي مُنهن نٿو ڏئي سگهي، حالتن کي نظر ۾ رکندي حڪومت گڏيل قومن کان مدد جي اپيل ڪئي آهي. گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل پاڪستان جو دؤرو ڪيو ۽ عالمي برادريءَ کي امداد جي اپيل ڪئي آهي جنهن جي نتيجي ۾ دوست ملڪن کان رليف جو سامان اچڻ شروع ٿيو آهي، هاڻي تائين 20 ملڪن مان 144 رليف اُڏامون اچي چڪيون آهن، 66 اُڏامون اين ڊي ايم اي وصول ڪيون، 10 اُڏامون ايندڙ هفتي اچڻيون آهن. يو ايس ايڊ، يونيسيف، ريڊ ڪريسينيٽ ۽ ٻين ادارن پاڻ سامان متاثر علائقن تائين پهچايو آهي. هن چيو ته دوست ملڪن اين ڊي ايم کانسواءِ خيما ۽ پاڻي پاڪ فوج ۽ صوبائي ڊزاسٽر مئنجمينٽ اٿارٽيءَ ذريعي موڪليا آهن. هن چيو ته نقصان تمام گهڻو آهي ان ڪري متاثرن کي وڌيڪ امداد جي ضرورت آهي. دوائون، خوراڪ، فيلڊ اسپتال، ڪمبل، سَوڙن جي ضرورت آهي. هن چيو ته اسان دوست ملڪن جا ٿورائتا آهيون جن هن ڏُکين حالتن ۾ اسان جي مدد ڪئي آهي. هن سڀني پاڪستانين کي اپيل ڪئي ته دل کولي ٻوڏ متاثرن لاءِ عطيو فراهم ڪن. اين ايف آر سي سي جي نيشنل ڪوآرڊينيٽر ميجر جنرل ظفر اقبال چيو ته وزيراعظم جي هدايتن تي اين ايف آر سي سي ون ونڊو آپريشن ڪري رهيو آهي. وفاقي، صوبائي حڪومتون، هٿياربند فوج، امدادي ادارا، سول سوسائٽي ۽ آءِ اين جي اوز سان گڏجي متاثرن تائين پهچڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون. روزانه جي بنياد تي صوبائي ۽ ضلعي انتظاميه سان ڳالهيون ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته بلوچستان ۽ سنڌ ۾ ريل نيٽ ورڪ ۽ روڊن جي انفراسٽرڪچر کي بحال ڪرڻ تي ڌيان ڏنو پيو وڃي، ڪيتريون ئي شاهراهون بحال ٿي چڪيون آهن. هن چيو ته پاڪستان ۾ هن وقت ڪڻڪ جي ڪٿي به کوٽ ناهي، اسان وٽ گذريل سال کان وڌيڪ ذخيرا موجود آهن. هن چيو ته حڪومت پاڻمرادو قيمتون وڌائيندڙن خلاف ڪارروائي ڪندي. هن چيو ته جن علائقن ۾ پاڻي بيٺل هوندو انهن علائقن ۾ سورج مکي جا ٻج فراهم ڪيا ويندا. هن چيو ته مليريا سميت ٻين بيمارين جو مقابلو ڪرڻ لاءِ متاثر علائقن ۾ ڪم ڪري رهيا آهيون.

مضمون کا ماخذ : تھنڈرسٹرک II
متعلقہ مضامین
مزید خبریں