وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو

image
APP74-160922 SAMARQAND: September 16 – Prime Minister Shehbaz Sharif being seen off at the Samarqand Airport by Prime Minister of Uzbekistan Abdullah Aripov on the conclusion of this two-day visit to Uzbekistan. APP

ثمرقند – 16 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ازبڪستان جو ٻن ڏينهن جو دورو مڪمل ڪري وطن واپس روانو ٿي ويو. ازبڪستان جي وزيراعظم عبدالله اريپو ثمرقند ايئرپورٽ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف کي الوداع ڪيو. ان کان اڳ وزيراعظم محمد شهباز شريف امام بخاري رحه جي روضي تي حاضري ڀري. وزيراعظم دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي ميمبر ملڪن جي سربراهي اجلاس کي خطاب ڪيو. وزيراعظم دوري دوران شنگهائي تعاون تنظيم جي ميمبر ملڪن جي سربراهن سان ملاقاتون پڻ ڪيون.

مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک
متعلقہ مضامین
مزید خبریں