وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان ملاقات آجياڻي جي موقعي تي ٿي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 23 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي آمريڪا جي صدر جو بائيڊن سان ملاقات ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب پنهنجي ٽوئيٽ ۾ ٻڌايو ته وزيراعظم جي آمريڪي صدر سان ملاقات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس جي شرڪت ڪندڙ عالمي اڳواڻن جي اعزاز ۾ آمريڪي صدر جو بائيڊن پاران ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ٿي. هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف اڄ رات گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي خطاب ڪندو.

مضمون کا ماخذ : بڑا برا بھیڑیا۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں