ٻوڏ سبب پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو، معاشي واڌ کي برقرار رکڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي: مفتاح اسماعيل

image
APP49-080922 ISLAMABAD: September 09 - Derek Chollet Counselor of the U.S Department of State accompanied with H.E. Mr. Donald Blome Ambassador of the United Stated of America to Pakistan called on Federal Minister for Finance and Revenue Mr Miftah Ismail at Finance Division .APP

اسلام آباد – 08 سيپٽمبر (اي پي پي) ناڻي واري وفاقي وزير مفتاح اسماعيل چيو آهي ته ٻوڏ سبب پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به معاشي واڌ کي برقرار رکڻ موجوده حڪومت جي اولين ترجيح آهي. هن اها ڳالهه آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر ڊيريڪ ڪوهلٽ ۽ پاڪستان ۾ آمريڪا جي سفير ڊونلڊ بلوم سان ملاقات ۾ چئي. ناڻي واري وزير آمريڪي وفد جي آجيان ڪئي ۽ پاڪ آمريڪا ٻطرفي گهڻ رخي لاڳاپن تي روشني وڌي. ناڻي واري وزير آمريڪي پرڏيهي کاتي جي وفد کي ملڪ جي معيشت جي صورتحال ۽ پيش منظر کان آگاهه ڪيو، ناڻي واري وزير وفد کي مشڪل وقت مان نڪرڻ لاءِ موجوده حڪومت طرفان کنيل انتظامي قدمن جي باري ۾ به ٻڌايو. هن چيو ته ملڪ ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڪري معيشت مشڪل دور مان گذري رهي آهي، جنهن سان زرعي شعبي ۽ بنيادي ڍانچي کي بري طرح نقصان پهتو آهي. مفتاح اسماعيل ٻڌايو ته ٻوڏ جي ڪري پاڪستان جي پائيدار اقتصادي ترقي جو عمل متاثر ٿيو آهي تنهن هوندي به موجوده حڪومت جي اولين ترجيح معاشي واڌ کي برقرار رکڻ آهي. آمريڪي پرڏيهي کاتي جي قونصلر پنهنجي ٽيم جو تعارف ڪرايو ۽ معيشت کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻ لاءِ مشڪل قدمن تي ناڻي واري وزير جي ڪوششن کي ساراهيو. هن پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب ٿيندڙ نقصان ۽ ملڪ کي درپيش مشڪل وقت تي همدردي جو اظهار به ڪيو، هن مشڪل وقت ۾ ترقي ۽ اوسر کي برقرار رکڻ لاءِ ڪيل عملي ڪوششن جو به اعتراف ڪيو ۽ ان جي حوصلا افزائي ڪئي، ٻئي پاسي ناڻي واري وزير ويان گروپ جي سي اي او ترزي گلو سان ناڻي واري وزارت ۾ ملاقات ڪئي، هيڊ آف انويسٽر رليشنز ڪيرشاو، ويان جي شيئر هولڊر ميٿيو سڪولاري، جاز جي سي اي او عامر ابراهيم ۽ ناڻي واري وزارت جا سينئر آفيسر به ان موقعي تي موجود هئا. ويان جي سي اي او ناڻي واري وزير کي پنهنجي گروپ جي پروفائل، ويزن ۽ پاڪستان ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري آڻڻ ۾ گروپ جي ڪردار تي روشني وڌي. هن گروپ کي درپيش مختلف مسئلن کان به ناڻي واري وزير کي آگاهه ڪيو. ناڻي واري وزير وفد کي ملڪ ۾ غير ملڪي سيڙپڪاري جي فروغ ۽ سيڙپڪارن کي سهولت ڏيڻ جي ڏس ۾ موجوده حڪومت طرفان کنيل قدمن کان آگاهه ڪيو، هن ويان جي سي اي او کي مسئلن جي حل جي خاطري ڪرائي. ناڻي واري وزير گروپ طرفان پاڪستان ۾ مختلف شعبن ۾ سيڙپڪاري جي ضرورت تي به زور ڏنو.

مضمون کا ماخذ : پیش گوئی اور حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں