وزيراعظم شهباز شريف سان راجا ظفرالحق جي ملاقات

image

اسلام آباد – 06 – مئي (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف سان راجا ظفرالحق ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس ميڊيا سيل پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ راجا ظفرالحق وزيراعظم کي سعودي عرب ۽ گڏيل عرب امارات جي ڪامياب دوري تي مبارڪباد ڏني. هن ان موقعي تي وزيراعظم جي عوامي فلاحي منصوبن کي ترجيحي بنيادن تي مڪمل ڪرڻ جي ويزن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ملاقات ۾ ملڪي سياسي صورتحال تي پڻ ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹوفاسیل
متعلقہ مضامین
مزید خبریں