وزيراعظم شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم جي تعميراتي سائيٽ جي دوري دوران چلاس جي شهرين کي معياري علاج جي فراهمي لاءِ اسپتال جي تعمير جي هدايت ڪئي: مريم اورنگزيب

image

اسلام آباد – 17 – اپريل (اي پي پي) پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان مريم اورنگزيب چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف ديامر ڀاشا ڊيم جي تعميراتي سائيٽ جي دوري دوران چلاس جي شهرين کي معياري علاج جي فراهمي لاءِ اسپتال جي تعمير جي هدايت ڪئي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته هن اسپتال جي تعمير سان علائقي جي عوام کي علاج جي لاءِ اسلام آباد جو پري جو سفر نه ڪرڻو پوندو ۽ شهرين کي انهن جي درن تي علاج جون بهترين سهولتون ملنديون.

مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔
متعلقہ مضامین
مزید خبریں