مملڪتي وزير فرخ حبيب پاران شاهين ٿري ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪون

image

اسلام آباد – 09 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب شاهين ٿري ميزائيل جي ڪامياب تجربي تي قوم کي مبارڪباد ڏني آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ فرخ حبيب چيو ته پاڪستان پنهنجي دفاع کي فتح نه ٿيڻ جوڳو بڻائي رهيو آهي. مملڪتي وزير چيو ته پنهنجي ميزائيل نظام کي جديد تبديلين موجب بڻايو پيو وڃي. هن چيو ته زمين کان زمين تائين مار ڪندڙ بيلسٽڪ ميزائيل شاهين ٿري جو تجربو هڪ وڏي ڪاميابي آهي.

مضمون کا ماخذ : جوگوس ڈی لوٹیریا آن لائن
متعلقہ مضامین
مزید خبریں