مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي: وزيراعظم

image
APP54-290322 ISLAMABAD: March 29 - A delegation of MNAs, MPAs and party leaders from Sindh called on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 29 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته مخالف ڌر جا ٿورائتا آهيون جن جي سازشن جي ڪري نه رڳو پارٽي پر عوام ۾ پاڪستان تحريڪ انصاف جي لاءِ مقبوليت ۽ جوش ۽ جذبي جي نئين لهر پيدا ٿي، ملڪ جي تاريخ جو سڀ کان وڏو عوامي ميڙ پاڪستان تحريڪ انصاف تي عوامي اعتماد جو واضح ثبوت آهي. وزيراعظم عمران خان سان سنڌ سان تعلق رکندڙ قومي ۽ صوبائي اسيمبلي ميمبرن ۽ پارٽي عهديدارن ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ وفاقي وزير علي زيدي، فواد چوڌري ۽ سنڌ جو گورنر عمران اسماعيل پڻ شامل هئا. ان موقعي تي وزيراعظم چيو ته پاڪستان تحريڪ انصاف قومي سطح تي ملڪ جي واحد گراس روٽ ليول جي پارٽي آهي، پئسن سان عوامي ميڙ نه ٿا ڀرجي سگهجن، جڏهن قوم ملڪ جي تقدير بدلائڻ جي لاءِ نڪري ٿي ته عوامي ميڙ امر بالمعروف جهڙا هوندا آهن. وزيراعظم چيو ته توهان سڀني ۾ اهي چهرا نظر اچي رهيا آهن جن پارٽي ۾ ورڪر طور شموليت اختيار ڪئي ۽ اڄ ايوانن ۾ پنهنجي تڪن جي نمائندگي ڪري رهيا آهيو، جڏهن حڪمرانن جي نيت صاف هجي ته ڀلي ڪيتري ئي وڏي اندروني يا ٻاهرئين سازش هجي ناڪام ٿئي ٿي. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي پاڪستان تحريڪ انصاف جي سنڌ حقوق مارچ ۽ اسلام آباد ۾ عوامي ميڙ امر بالمعروف جي تاريخي ڪاميابي تي مبارڪباد ڏني. ان کانسواءِ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي ترقياتي منصوبن، ڪامياب پرڏيهي پاليسي ۽ ناموس رسالت ﷺ ۽ اسلامو فوبيا جي لاءِ وزيراعظم جي عالمي سطح تي ڪوششن ۽ گڏيل قومن ۾ قرارداد جي منظوري تي خراج تحسين پيش ڪيو. وزيراعظم چونڊيل نمائندن ۽ پارٽي عهديدارن کي سنڌ ۾ پارٽي تنظيم کي وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ خاص طور تي ضلعي سطح تي پارٽي کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جي هدايت ڪئي.

مضمون کا ماخذ : لاٹری جیتنے کی حکمت عملی
متعلقہ مضامین
مزید خبریں