وزيراعظم عمران خان سان غزاله سيفي جي ملاقات

image
APP58-250322 ISLAMABAD: March25 - MNA Ghazala Saifi calls on Prime Minister Imran Khan. APP

اسلام آباد – 25 – مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي جي ميمبر غزاله سيفي ملاقات ڪئي ۽ وزيراعظم جي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ميڊيا آفيس مان جاري بيان موجب قومي اسيمبلي ميمبر غزاله سيفي وزيراعظم جي قيادت ۽ حڪومت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪندي حڪومت جي عوامي ڀلائي جي منصوبن ۽ معيشت جي بهتري لاءِ قدمن تي خراج تحسين پيش ڪيو. ان کانسواءِ هن پرڏيهي محاذ تي ڪاميابي، او آءِ سي پرڏيهي وزيرن جي ڪائونسل جي ڪانفرنس جي ڪامياب انعقاد ۽ گڏيل قومن ۾ اسلامو فوبيا جي روڪٿام لاءِ عالمي ڏينهن ملهائڻ جي قرارداد جي منظوري تي مبارڪباد ڏني. اي پي پي/ر – م/ش – چ 17:48

مضمون کا ماخذ : بفیلو بلٹز
متعلقہ مضامین
مزید خبریں