جيڪي ماڻهو لکي رهيا آهن ته چيف آف آرمي اسٽاف جنگ جي مخالفت ڪري روس جي مخالفت ڪئي آهي، آئون انهن کي چوان ٿو ته وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي ملاقات کانپوءِ جو پڌرنامو ڏسي وٺو: چوڌري فواد حسين

image

اسلام آباد – 02 – اپريل (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ قانون واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آهي ته جيڪي ماڻهو لکي رهيا آهن ته چيف آف آرمي اسٽاف جنگ جي مخالفت ڪري روس جي مخالفت ڪئي آهي، آئون انهن کي چوان ٿو ته وزيراعظم عمران خان ۽ صدر پيوٽن جي ملاقات کانپوءِ جو پڌرنامو ڏسي وٺو. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته چيف اها ئي ڳالهه ڪئي آهي جيڪا هن پڌرنامي ۾ آهي. حڪومت ۽ فوج کي جدا ڏيکارڻ جي سازش ناڪام ٿيندي.

مضمون کا ماخذ : قسمت کا پہیہ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں