اسلام آباد – 20 –; جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي آفريقي ملڪ روانڊا سان ٻطرفي سياسي ۽ وزارتي سطح ??ي وفدن جي مٽاسٽا جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لا??اپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي، حڪومت جي ”انگي?? آفريقا“ پاليسي تحت آفريقي ملڪن سان لا??اپا وڌيڪ مستحڪم ڪرڻ ۾ مدد ملندي. روانڊا ۾ پاڪستان جي نامزد هاءِ ڪمشنر عامر محمد خان سان ملاقات ۾ ڳالهائيندي هن چيو ت?? پاڪستان ۽ روانڊا جي وچ ۾ خوشگوار لا??اپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي ضرورت آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپاري ۽ معاشي لا??اپن ۾ بهتري جي گنجائش موجود آهي.