اسلام آباد – 11 آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن تي شهرين جي ??ڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي، وڌيڪ قيمتن تي ڪاوڙ جو اظهار ڪندي وزيراعظم چيو ته ناجائز منافعي خورن جي ??لاف سخت ڪارروائي ڪئي ويندي. وزيراعظم ڊيليور?? يونٽ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سٽيزن پورٽل تي شهرين جي موٽروي ريسٽ ايرياز ۾ شين جي وڌيڪ قيمتن جي ??والي سان شڪايتن جو نوٽيس ورتو آهي. وزيراعظم ڊيليور?? يونٽ مواصلات واري وزارت، اين ايڇ اي ۽ آءِ جي موٽروي کي خط لکيو آهي. خط ۾ چيو ويو آهي ته موٽروي ريسٽ ايرياز تي قيمتن جي مانيٽ??نگ جي لاءِ خصوصي ٽيمون لڳايون وڃن، ٽيمون موٽروي ريسٽ ايرياز تي ڏينهن ۽ رات باقاعدگي سان ڇاپا هڻن. ٽيمون ضرورت موجب ضلعي انتظاميا کان ڪنهن به وقت مدد وٺي سگهن ??يون. موٽروي ريسٽ ايرياز تي وڌيڪ قيمتن جي ??لاف فوري ۽ سخت ايڪشن ورتو وڃي، موٽروي ريسٽ ايرياز تي مسافرن ۽ سياحن جي ??گاهي جي لاءِ بينرز هنيا وڃن.