اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان 12 سيپٽمبر 2020ع کا انٽرا افغان ڳاله??ون شروع ڪرڻ جي اعلان جي آجيان ڪئي ??هي. وزيراعظم آفيس ميڊي?? ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته آخرڪار اسان جي گڏيل ڪوششن رنگ لاتو آهي جنهن جو افغان عوام کي ڪيترن ئي ??الن کان انتظار هو، هن چيو ته تقريبن 40 سالن تائين افغانين مسلسل تڪرارن ۽ رتوڇاڻ کي منهن ڏنو آهي، هن چيو ته پاڪستان دهشتگردي جي وا??عن، قيمتي جانين جي نقصانن ۽ وڏي معاشي نقصانن کان آگاهه آهي، وزيراعظم عمران خان چيو ته مون هڪ ڊگهي عرصي کان اها ڳالهه واضح ڪندو آيو آهيان ته افغانستان ۾ تڪرارن جو ڪو فوجي حل نه آهي، ۽ تڪرارن کي صرف سياسي ڳالهين جي ذريعي ئي ??ل ڪري سگه??ي ٿو، هن چيو ته پاڪستان اڻٿڪ ڪوششن سان افغان امن عمل ۾ مدد ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي جنهن جي نتيجي ۾ اڄ اهو وقت اچي پهتو آهي، هن وڌيڪ چيو ته اڄ اسان تمام گهڻي خوشي محسوس ڪر??ون ٿا ته اسان ان حوالي سان پنهنجي ذميداري پوري ڪئي ??هي