اسلام آباد ??? 29 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعا?? ۽ ??شريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته اسان سڀني کي قومي جذبي سان سرشار ٿي عوام جي زندگين ۾ سهولت پيدا ڪرڻ جو مثبت ۽ روشن ڪردار ادا ??رڻ?? آهي، هي قوم جي خدمت جو موقعو آهي، ذخيره اندوزي کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويند??، اڄ تحريڪ انصاف جي ڪور ڪميٽي اجلاس ۾ سڄي پاڪستان ۾ خاص طور تي پنجاب ۽ خيبرپختونخواهه ۾ ضرورت جي شين ۽ خوراڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي جي قدمن جو جائزو ورتو ويندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو ته ڪرونا کان بچڻ جي لاءِ عوام ۾ شعور ۽ آگاهي پيدا ڪرڻ ۾ پارٽي جي متحرڪ ڪردار جي اهميت تي زور ڏنو ويندو ته جيئن ماڻهو احتياطي تدبيرن تي سختي سان عمل ڪن.