اسلام آباد – 29 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص ??ددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته حڪومت سرڪاري ادارن کي منافعو ڏيندڙ بڻائڻ جي لاءِ سڌارا آڻ?? رهي آهي، رياستي ادارن جي شفاف ۽ منافعي ڏيندڙ نجڪاري تحريڪ انصاف جي حڪومت جو عزم آهي ۽ اهو وزيراعظم جي ترجيحن ۾ شامل آهي، ملڪ ۾ نجڪاري جو عمل شروع ٿيڻ وڃ?? رهيو آهي، ادارن جي شفاف نجڪاري ڪري منافعو بڻائي عوامي ڀلائي جي لاءِ استعمال ڪنداسين. اهڙن خيا??ن جو اظهار هن نجڪاري واري وزير محمد ميان سومرو سان گڏ گڏيل پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو.