اسلام آباد – 04 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته غريب خاندانن جي نوجوانن کي اڳتي وڌڻ جا موقعا فراهم ڪيا و??ندا، احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام تحت هر سال 50 هزار شاگردن کي تعليمي وظيفا ڏنا و??ندا، غريب خاندانن جي لاءِ راشن پروگرام پڻ متعارف ڪرايو ويندو ۽ گيهه، اٽو، دال ۽ ??نڊ غريب خاندانن کي فراهم ڪئي ويندي، پاڪستان جي تاريخ ۾ ڪڏهن اهڙي قسم جا پروگرام شروع نه ڪيا و??ا جن سان معاشري جي عام ماڻهن کي مٿي اچڻ جو موقعو ملي سگهي، ماضي ۾ عام ماڻهو جي ڀلائي لاءِ نه سوچيو ويو. اهڙن خيالن جو اظهار هن احساس انڊر گريجوئيٽ اسڪالرشپ پروگرام جي افتتاحي تقريب کي خطاب ??ند?? ڪيو.