اسلام آباد – 12 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف زوب گيريزن ۾ دهشتگردن جي حملي ۾ سيڪيورٽي فورسز جي 4 جوانن جي شهادت تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو آهي ته شهيد قوم جو فخر آهن. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم شهيدن جي گهرڀاتين جي لاءِ صبر جميل ۽ زخمين جي جلد صحتيابي جي دعا ڪئي. وزيراعظم چيو ته شهيد اسان جي قوم جو فخر آهن، سيڪيورٽي اهلڪارن پنهنجي جان نڇاور ڪري ملڪ کي تمام وڏي جاني نقصان کان بچايو، پاڪستاني قوم پنهنجي شهيدن جون قربانيون ڪڏهن به نه ٿي وساري سگهي.