وفاقي حڪومت پاران وزيراعظم جي يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام تحت سرڪاري، نجي ۽ ترقياتي کاتن ۾ خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ 60 هزار معاوضي سان گڏ انٽرن شپس جو اعلان

image

پشاور – 28 – اپريل (اي پي پي) وفاقي حڪومت پاران وزيراعظم جي يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام تحت پبلڪ سيڪٽر ڊيولپمينٽ پراجيڪٽس (پي ايس ڊي پي) سرڪاري، نجي ۽ ترقياتي کاتن ۾ خيبرپختونخواهه سميت پاڪستان جي نوجوانن جي لاءِ 60 هزار معاوضي سان گڏ انٽرن شپس جو اعلان ڪيو آهي. پي ايس ڊي پي پروگرام ۾ 20 هزار انٽرن شپ سرڪاري شعبي ۾ جڏهن ته 40 هزار انٽرن شپ سرڪاري، نجي ۽ ترقياتي کاتن ۾ ڏني ويندي جنهن جو عرصو 6 مهينن کان 1 سال جي مدي جي لاءِ هوندو. ان دوران اعليٰ پيشيور ماڻهن ۽ ماهرن سان ڪم ڪرڻ جو تجربو حاصل ٿيندو ۽ ان کانسواءِ 25 هزار کان 40 هزار رپيا ماهوار اسڪالرشپ ملندي. وزيراعظم جي پيڊ انٽرن شپ پروگرام کي ضم ٿيل قبائلي ضلعن سميت خيبرپختونخواهه جي نوجوانن پاران زبرست پذيرائي ۽ مثبت رد عمل مليو آهي. ان پروگرام تحت لکين نئين گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي لاءِ گهربل تجربو حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو قرار ڏنو آهي. وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام هڪ جامع منصوبو آهي جنهن ۾ 15 پروگرام شامل آهن. ان تاريخي پروگرام تحت وفاقي حڪومت پاران نوجوانن کي معاشي طور تي بااختيار بڻائڻ جي لاءِ پرائيم منسٽر يوٿ ليپ ٽاپ پروگرام، بااختيار نوجوان انٽرن شپ پروگرام جڏهن ته بلوچستان ۽ اڳوڻي فاٽا جي شاگردن جي لاءِ 5 هزار وظيفي جو اعلان پڻ ڪيو ويو آهي. پروگرام ۾ نوجوان نسل کي چونڊ پيشن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو هڪ بهترين موقعو فراهم ڪندي نوجوانن کي مقامي ۽ عالمي سطح تي مقابلو ڪرڻ جي لاءِ سمورين ضروري مهارتن سان ليس ڪرڻ ۾ مدد ملندي. پشاور يونيورسٽي جي پوسٽ گريجوئيٽ شاگرد احتشام قيصر اي پي پي سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته وزيراعظم جي معاوضي سان گڏ انٽرن شپ نئين گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي لاءِ ٻاهرئين ملڪ نوڪرين کانسواءِ عملي تجربن ۽ پنهنجي چونڊ پيشن ۾ مهارت حاصل ڪرڻ جو بهترين موقعو آهي. هن چيو ته نوشهره ۽ پشاور ضلعن سان تعلق رکندڙ ڪيترن ئي گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز انتظاميا کي درخواستون ڏنيون آهن. سرڪاري ۽ نجي شعبن ۾ گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز جي اڪثريت جون درخواستون پيشيواراڻي تجربن ۽ مهارت جي کوٽ جي ڪري رد ڪيون ويون. انٽرن شپ پروگرام نه رڳو نئين گريجوئيٽس کي لاڳاپيل ڪم ۾ تجربو پر انهن کي عزت سان زندگي گذارڻ جي لاءِ مناسب معاوضو پڻ فراهم ڪندي. احتشام قيصر چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف معاوضي سان گڏ انٽرن شپ پروگرام جي شروع ڪرڻ تي اسان وزيراعظم جا ٿورائتا آهيون ڇو ته ان پروگرام تحت خيبرپختونخواهه سميت ملڪ جي لکين نوجوان گريجوئيٽس ۽ ڊپلوما هولڊرز کي فائدو ٿيندو. شهريار زمان هڪ ٻئي گريجوئيٽ ۽ واپڊا ٽائون نوشهره جي رهواسي پڻ انٽرن شپ پروگرام مان وڏيون اميدون ڳنڍي رکيون آهن ۽ هن ان پروگرام مان ڀرپور فائدو کڻڻ جي حامي ڀري آهي. خيبرپختونخواهه پاڪستان مسلم ليگ (ن) جي ترجمان ۽ اڳوڻي صوبائي اسيمبلي ميمبر اختر ولي خان اي پي پي سان ڳالهائيندي چيو ته وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام نوجوانن جي ترقي جي قدمن تحت منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وزارت تحت شروع ڪيو ويو هو ته جيئن ملڪ جي آبادي جي 64 سيڪڙو کان وڌيڪ نوجوانن کي موقعا فراهم ٿي سگهن. هن چيو ته وزيراعظم جي يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام پاڪستان جي نوجوانن بشمول ڇوڪرين کي جديد ۽ فني تعليم کان روشناس ڪرائڻ ۽ بااختيار بڻائڻ جي لاءِ شروع ڪيو ويو آهي. هن چيو ته وزيراعظم جو يوٿ ڊيولپمينٽ پروگرام موجوده اتحادي حڪومت جي وڏين ڪاميابين مان هڪ آهي جنهن جو مقصد تعليمي، سياسي وابستگي، ذات پات ۽ خانداني پس منظر کان هٽي ڪري نوجوانن کي معاشي ۽ مالي طور تي بااختيار بڻائڻ آهي. هن چيو ته وراثت ۾ ملندڙ سخت معاشي ۽ سياسي چئلينجن جي باوجود وزيراعظم محمد شهباز شريف نوجوانن جي ترقي ۽ معاشي لحاظ کان نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ جي تاريخي پروگرام جي ڪاميابي سان شروعات ڪئي آهي. جنهن تحت ”ٽيلي اسڪول پاڪستان ايپ“، گوگل فار ايجوڪيشن ۽ ڊيجيٽل ڪنٽينيوس پروفيشنل ڊولپمينٽ سميت ڪيترين ئي سروسز جي شروعات ڪئي وئي آهي.

مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ
متعلقہ مضامین
مزید خبریں