ڊيووس – 17 – جنوري (اي پي پي) عالمي اقتصادي فورم جو 53 هون ساليانو اجلاس سوئيٽزرلينڊ جي شهر ڊيووس ۾ جاري آهي، اجلاس ۾ پاڪستان جي نمائندگي پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ڪري رهيو آهي. پاڪستان 20 جنوري تائين جاري رهندڙ عالمي اقتصادي فورم جي مختلف اجلاسن ۾ عالمي اقتصادي اهميت جي مسئلن تي پنهنجو موقف پيش ڪندو. ورلڊ اڪنامڪ فورم جي صدر جي دعوت تي پرڏيهي وز??ر فورم جي سالياني اجلاس ۾ شريڪ آهي. اجلاس دوران پرڏيهي وز??ر بلاول ڀٽو زرداري ۽ پرڏيهي معاملن واري مملڪتي وز??ر حنا رباني کر سياسي اڳواڻن، ڪارپوريٽ ايگزيڪيوٽوز، عالمي ادارن جي سربر??هن?? ميڊيا ۽ سول سوسائٽي جي اهم شخصيتن سميت شرڪت ڪندڙ اهم شخصيتن سان به ملاقاتون ڪندا.