وزيراعظم پاران پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سمورن شاگردن جي تعليمي خرچن جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت پاران ادا ڪرڻ جي هدايت

image

اسلام آباد – 11 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ سمورن شاگردن جي تعليمي خرچن جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پنجاب جي تعليمي ادارن ۾ بلوچستان سان تعلق رکندڙ اسڪالرشپ تي تعليم پرائيندڙ شاگردن ۽ شاگردياڻين کي درپيش مالي مسئلا منهنجي ڄاڻ ۾ آندا ويا. هن هدايت ڪئي آهي ته انهن سمورن شاگردن جي تعليمي خرچن جو 50 سيڪڙو وفاقي حڪومت ادا ڪندي ته جيئن اهي بنا ڪنهن پريشاني جي پنهنجي تعليم جاري رکي سگهن.

مضمون کا ماخذ : sorteos میگا سینا
متعلقہ مضامین
مزید خبریں