اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمنٽ ??ٿارٽي (اين ڊي ايم اي) جي چيئرمين ليفٽيننٽ ??نرل اختر نواز نيشنل ڪوآرڊينيٽر اين ايف آر سي سي ميجر جنرل ظفر اقبال جي صدارت هيٺ نيشنل فلڊ رسپانس اينڊ ڪو آرڊينيشن سينٽر (اين ايف آر سي سي) جو خاص اجلاس منع??د ٿيو. اجلاس دوران فورم کي ٻوڏ متاثر زرعي ايراضي بابت آگاهه ڪيو ويو. صوبائي سيڪريٽريز زراعت پنهنجي صوبن بابت پلان پيش ڪيو جن??ن تي فيصلو ڪيو ويو ته ڪڻڪ جو 50 سيڪڙو ٻج وفاقي حڪومت اسپانسر ڪندي جڏ??ن ته باقي صوبن طرفان فراهم ڪيا ويندا. سڀني ضلعن جي ٻج تقسيم ڪندڙ ڪميٽي ضلعي انتظاميا، وفاق ۽ اين ڊي ايم اي جي عملدارن تي ٻڌل هوندي. فورم کي سيڪريٽري خوراڪ ٻج جي خريداري ۽ ان جي تقسيم بابت آگاهه ڪيو. فورم کي ماڊل وليجز بابت ٻڌايو ويو جتي گهرن سان گڏ مسجد، بنيادي صحت جي يونٽ ۽ ٻين سهولتن جي فراهمي ٿيندي. فورم کي ماڊل هائوسز جي رهائشي يونٽ ??ي لي آئوٽ آپشنز ۽ لائيو اسٽاڪ لاءِ جاءِ تي به اتفاق ڪيو ويو.