اسلام آباد – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 19 کان 23 سيپٽمبر تائين نيويارڪ ۾ گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت ڪندو، وزيراعظم 23 سيپٽمبر تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي کي اهم خطاب ڪندو، وزيراعظم ماحولياتي تبديلي جي ڪري تباهي آڻيندڙ ٻوڏ جي ڏس ۾ پاڪستان ک?? درپيش چئلينج کي عا??مي فورم تي اجاگر ڪري ماحولياتي تبديلي سان پيدا ٿيندڙ خطري کي گڏيل طور تي منهن ڏيڻ جي لاءِ ٺوس تجويزن جو خاڪو پيش ڪندو. پرڏيهي آفيس موجب وزيراعظم محمد شهباز شريف ان موقعي تي عا??مي اڳواڻن ک?? ڪشمير مسئلي سميت علائقائي ۽ عا??مي مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو. گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي جي اجلاس جي موقعي تي وزيراعظم آفريقي يونين، يورپي يونين ۽ آمريڪا پاران گڏيل طور تي منعقد ٿيندڙ غذائي تحفظ تي عا??مي سربراهه اجلاس ۽ ڪوپ 27 تي عا??مي اڳواڻن جي اجلاس ۾ شرڪت ??ڻ ڪندو. اهي ٻئي اجلاس عا??مي برادري کي درپيش ٻن اهم ترين چئلينجن ک?? منهن ڏيڻ جي لاءِ موثر قدمن تي غور فڪر جي لاءِ اهم پليٽ فارم آهن. وزيراعظم پنهنجي دوري ۾ مختلف ملڪن جي وزيراعظمن، جنرل اسيمبلي جي صدر، گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل کانسواءِ عا??مي تنظيمن، عا??مي مالياتي ادارن ۽ فلاحي تنظيمن جي سربراهن سان ملاقاتون ڪندو. ان موقعي تي گڏيل قومن جي سيڪريٽري جنرل ۽ آمريڪي صدر پاران ڏنل آجياڻي دوران عا??مي اڳواڻن ک?? هڪ ٻئي سان ڳالهه ٻولهه ڪرڻ جو موقعو ملندو. پرڏيهي وزير ??لا??ل ڀٽو زرداري پڻ وزيراعظم سان گڏ هوندو ۽ هو مختلف تقريبن ۾ شرڪت کانسواءِ ٻين ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقات ڪندو، هو ميڊيا ۽ ٿنڪ ٽينڪ سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ جي 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزير ۽ او آءِ سي جي سالياني اجلاسن ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ پڻ شرڪت ڪندو.