نيويارڪ – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري آمريڪا جي انٽرنيشنل ڊيولپمينٽ فنانس ڪارپوريشن جي سي اي او اسڪاٽ ناٿن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آف??س موجب بلاول ڀٽو زرداري اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ ملاقات ۾ نجي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. پرڏيهي وزير ۽ اسڪاٽ ناٿن جي وچ ۾ توانائي، زراعت کانسو??ءِ موسمياتي تبديلين سان مقابلي جي منصوبن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي. ان موقعي تي ڳالهائيندي پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته معيشت ۽ عورتن جي خودمختياري پاڪستان جي اولين ترجيح آ??ي. ??ن اسڪاٽ ناٿن کي پاڪستان جي دوري جي دعوت پڻ ڏني.