اسلام آباد- 01 سيپٽمبر (اي پ?? پي) گهرو وزارت آمريڪا، جاپان، فرانس، جرمني ۽ برطانيه سميت ٻين 7 ملڪن جي 15 عالمي اين جي اوز کي پاڪستان جي ٻوڏ سٽ??ل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ اجازت ڏئي ڇڏي آهي، ا??هن اين جي اوز جون پهريان کان پاڪستان ۾ آفيسون موجود هيون، ا??هن اين جي اوز کي ا??هن متاثر ماڻهن جي مدد، رليف ۽ بحالي جو اين او سي به جاري ڪيو ويو آهي. گهرو وزارت جي ترجمان اي پ?? پي کي ٻڌايو ته پاڪستان جي ٻوڏ سٽ??ل علائقن ۾ ريسڪيو ۽ رليف جي ڪمن لاءِ ٽير فنڊ (برطانيه)، سڪيور اسلامڪ فرانس (فرانس)، مرسي ڪارپس (آمريڪا)، لائف لائن ڪرسچن ڊولپمينٽ سروسز (جرمني)، مسلم هينڊز (برطانيه) سي بي ايم اي ڊاٽ وي ڊاٽ (جرمني)، ترڪي معرف فائونڊيشن (ترڪي)، ڪيٿلڪ رليف سروسز (آمريڪا)، اي اي آر جاپان (جاپان)، ڪي اين ڪي جاپان (جاپان)کي ريسڪيو، رليف ۽ بحالي جي ڪمن جي اجازت لاءِ گهرو وزارت خميس ڏي??هن باقاعده نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اهي انٽرنيشنل اين جي اوز پهرين کان پاڪستان وٽ رجسٽرڊ آهن، کين صرف ٻوڏ سٽ??ل علائقن ۾ ريسڪيو، رليف، بحالي ۽ امدادي ڪمن لاءِ اجازت ڏني وئي آهي.