گلگت- 01 سيپٽمبر (اي پي پي)وزيراعظم جي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن بابت صلاحڪار قمر زمان ڪائره چيو آهي ته جنهن پيڪيج جو اعلان پاڪستان ۾ ٻوڏ سبب مت??ثر علائقن جي ماڻهن لاءِ ڪي?? ويو انهي پيڪيج تي گلگت بلتستان ۾ به عمل ٿيندو ۽ ٻوڏ متاثرن جي بحالي لاءِ سروي سڀ کان پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو. گلگت ۾ ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي هن چيو ته جيڪي اسان جون ڀينرون ۽ ڀائر ٻوڏ سبب هن دنيا مان هليا ويا انهن لاءِ وفاقي حڪومت طرفان پرائم منسٽر پيڪيج تحت 10 لک روپين جو اعلان ڪي?? ويو آهي، اهڙي طرح زخمين لاءِ به پيڪيج جو اعلان ڪي?? ويو آهي، هن چيو ته ٻيو مرحلو ٻوڏ متاثرن کي ريسڪيو ڪرڻ آهي، ان مد ?? پي ڊي ايم اي کي ضروري سامان ڏئي ڇڏيو آهي، متاثرن کي عارضي رهائشگاهن يا مسواڙي گهرن ۾ منتقل ڪي?? ويو آهي يا ڪي?? ويندو، هن چيو ته ٽيون مرحلو متاثرن جي بحالي جو آهي، ان مرحلي ۾ مت??ثر علائقن جو تفصيلي سروي ٿيندو، ملڪ جي ٻين حصن ۾ هن وقت پاڻي بيٺل آهي، اتي هن وقت سروي ممڪن نه آ??ي ان لاءِ سروي پهرين گلگت بلتستان کان شروع ٿيندو ۽ ان کي جلد مڪمل ڪي?? ويندو. هن چيو ته وزيراعظم گلگت بلتستان جي ٻوڏ مت??ثر علائقن جو دورو ڪندو.