ملتان – 04 – آگسٽ (اي پي پي) ناليوا??ي تعليمي ماهر ۽ دانشور پروفيسر ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو آهي ته ڪشمير جو مسئلو هن??ستان جي ورڇ کان اڳ جو آهي، ڪش??ير?? عوام ڊوگرا راڄ ۽ هن??و استحصال جو شڪار رهي، انهن جي ڪوشش رهي ته پاڪستان وانگر اسان به هن??ن جي غلامي کان پاڻ کي آزاد ڪرائڻ ۾ ڪامياب ٿي وينداسين پر ائين نه ٿي سگهيو ۽ مختلف موقعن تي اتان جي ماڻهن جدوجهد جاري رکي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي حوالي سان اي پي پي سان خصوصي ڳالهه ٻو??هه دوران ڪيو. ڊاڪٽر حميد رضا صديقي چيو ته پاڪستان قائم ٿيڻ جي موقعي تي هن??ستان انهن تي جارحيت ذريعي قبضو ڪري ورتو ۽ ننڍي کنڊ جي ورڇ جي وقت جيڪي عالمي اصول طئي ٿيا هئا انهن کي نظرانداز ڪري ڇڏيو. گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ٻين معاملن کان اسان سڀ واقف آهيون، ڪشمير کي هڪ خصوصي صوبي جي حيثيت ڏني وئي هئي ۽ ان جي لاءِ هن??ستان جي آئين ۾ شقون رک??ون و??ون ه??ون پر 3 سال اڳ 5 آگسٽ تي ان ۾ ترميم ڪري اهي شقون ڪڍ??ون و??ون ۽ ان کي باقاعده ڀارت جو حصو قرار ڏنو ويو هو، هاڻي ان جو نتيجو اهو نڪتو ته اتي جيڪي خصوصي سهولتون ڏن??ون و??ون ه??ون اهي ختم ٿي ويون، غيرڪش??ير??ن کي اتي آباد ٿيڻ جي اجازت ملي وئي، هي اهو طريقو آهي جيڪو يهودين اسرائيل ۾ استعمال ڪيو هو ۽ ان طريقي سان مسلمانن جي اڪثريت کي اقليت ۾ تبديل ڪيو ويو، هي ڏينهن ان ڳالهه جي ياد ڏياري ٿو ته ڪش??ير?? ڪڏهن به پنهنجي حقن تان دستبردار نه ٿيندا ۽ آخرڪار انهن کي ڪاميابي ملندي. اسان اخلاقي طور تي، مالي طور تي، سياسي طور تي ۽ عالمي طور تي انهن جي مدد ڪرڻ جا پابند آه??ون ۽ اخلاقي طور تي اسان جي ذميواري به بڻجي ٿي ته ڪش??ير??ن تي جيڪي ظلم ڪيا پيا وڃن انهن کان دنيا کي آگاهه ڪر??ون ۽ انهن جي جدوجهد لاءِ ڪوششون ڪر??ون ۽ هاڻي يقينن اهو وقت اچڻ وارو آهي جڏهن ڪش??ير?? آزاد فضا ۾ ساهه کڻي سگهندا.